ڪورنگي ۾ بد امني چوٽ چڙهي وئي، ايس يو پي جي سڏ تي ريلي، ٿاڻي اڳيان احتجاج

ڪورنگي ( ن ع آ ) ڪورنگي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان ڪورنگي ضلع ۾ بدامني اسٽريٽ ڪرائيم منشيات جوا ۽ فحاشي خلاف ڪي آء اي پوليس ٿاڻي جي مين گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو ويو  سنڌيونائيٽيڊ پارٽي ضلعي ڪورنگي طرفان ڪورنگي ۾ وڌندڙ تازين وارداتن خلاف ڪي آء اي پوليس ٿاڻي اڳيان احتجاج ۽ ڌرڻو هنيو ويو  ڪرائيم اسٽريٽ منشيات جوا فحاشي چورين ۽ ڦورن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي   احتجاج ايس يو پي ضلعي صدر اميرجان چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڪيو ويو  اڳواڻن  طارق جتوئي حفيظ لاشاري عبدالخالق چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آھي ڪجھ مهينن کان هن ضلعي ۾ ڪرائيم عروج تي پهچي چڪو آھي ۽ سڀ ڏوھ پوليس جي سرپرستي ٿي رهيا آھن منشيات ۽ جوا جا اڏا کلي عام جاري ساري آھن جنهن سبب هتان جي عوام جو مستقبل داؤ تي لڳي ويو آھي ۽ مهيني جي پهرين تاريخن جڏهن پورهيت پگهار وٺي ڪمپني مان ٻاهر اچي ٿو ته ڦورن هٿان لٽجي وڃي ٿو آخر هتان جي عوام کي تحفظ ڪير ڏيندو ۽ ڦورون ته هاڻي بي لغام ٿي ويا آھن ڪجھ ڏينهن پهريان ايس يو پي جي اڳواڻ عبدالخالق چانڊيو جي موٽر بائيڪ چور چوري ڪري فرار ٿي ويا جنهن جي ايف آء آر به درج ٿيل آھي پر اڃا تائين ڪوبه پوليس طرفان ردعمل نظر ناهي آيو احتجاج کي ختم ڪرڻ لاء ايس ايڇ او زاهد لوڌي اختيار لغاري اڳواڻن سان ڳالهيون  ڪيون ۽ يقين ڏياريو ته اوهان جو مسئلو هنگامي بنيادن تي حل ڪيو ويندو جنهن تي اڳواڻن احتجاج ختم ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.