جوابدارن تذليل ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏنيون آهن: شگنه ميگهواڙ

ڪنري (ت ر) ڪنري ويجھو جوابدارن تي مبينا زيادتي  جي ڪوشش جا الزام لڳائيندڙ عورت پاران جوابدارن تي گھر ۾ گھڙي مارڪٽ ۽ تذليل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. بودرفارم ڀرسان ڳوٺ چوڌري بشير احمد آرائين واسڻ عورت شگنه بيواھ چيتن ميگھواڙ ٽن جوابدارن، نانڪ ميگھواڙ، مڌن ميگھواڙ ۽ سندس زميندار چوڌري غلام حسين تي ڪيس داخل ڪرايو. فريادي عورت ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته نامزد جوابدارن سندس گھر ۾ گھڙي جان مان مارڻ جي ڪوشش ڪندي مارڪٽ ڪئي، وارن مان گھيلي تذليل ڪئي ۽ موت مار ڌمڪيون ڏنيون. عورت مطالبو ڪندي گھر ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. پوليس جوابدارن خلاف تشدد، تذليل ۽ ڌمڪين جو ڪيس داخل ڪرڻ بعد جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا ھڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. ياد رھي ته فريادڻ عورت گذريل ڏينھن جوابداي مڌن ميگھواڙ تي مبينا زيادتي جي ڪوشش جا الزام لڳايا ھئا ۽ اڄ مٿس تشدد جو ڪيس داخل ڪرايو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.