نواب شاهه ۾ بدامني، قيمتي سامان ۽ موٽر سائيڪل چوري معمول بڻيل

نوابشاھ(ڊ ر ) سڄي سنڌ سميت ضلعي شھيد بينظير  آباد ۾ پيل خطرناڪ طوفاني برساتن کانپوءِ ضلعي جي ھزارين ماڻھن جا ڪچا پڪا اجھا ڊھي پٽ پوڻ ھارين ۽ آبادگارن جو ھزارين ايڪڙ زمينون تباھ ٿيڻ کي مھينو گذري وڃڻ باوجود ضلعي اتنظاميہ پاران برسات متاثرين جي ڪا بہ واھر ۽ ساھتا نہ ڪرڻ ۽ چونڊيل نمائندن جي لاوارٽي کانپوءِ ضلعي سميت نوابشاھ شھر ۾ چورين جون وارداتون چوٽ چڙھي ويون آھن. روزانو شھر جي مختلف علائقن مان گھرن اندران ۽ ٻاھران قيمتي سامان ۽ موٽرسائيڪلن جي چوري معمول بڻجي وئي آھي گذريل رات نوابشاھ جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد دولت ڪالوني ۾ ملاحن جي اٽي جي چڪي لڳ سنڌ جي مشھور اديب ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار منور سراج جو نوجوان پُٽ علي سولنگي تازو خريد ڪيل 2022 ماڊل سي ڊي سيونٽي ڳاڙھي رنگ جي چيچس نمبر GH808245 انجن نمبر D995754 گھٽي ۾ بيھاري دوستن جي اوطاق ۾ ويو تہ پُٺيان اڻڄاتل چور سندس نئين موٽرسائيڪل چورائي فرار ٿي ويا اھڙي اين سي منور سراج پاران ايئرپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آھي موٽرسائيڪل چورائڻ واري عمل خلاف نوابشاھ جي اديبن، شاعرن ۽ قلم ڪارن فياض چنڊ ڪليري، جاويد نواز جاويد، اياز حسين آزاد، سيد رياض علي شاھ راشدي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٻاھران سخت احتجاج ڪيو ويو اديبن ۽ شاعرن جو چوڻ ھو تہ نوابشاھ جي پولي شھرين جي جان، مال ۽ ملڪيتن جو تحفظ ڪرڻ بدران چورن ۽ ڏوھارين جي ساٿاري بڻيل آھي ھنن چتاءُ ڏنو تہ جيڪڏھن ٽن ڏينھن اندر منور سراج سميت غريب شھرين جون چورايل موٽرسائيڪلون ۽ گاڏيون واپس ڪرائي جوابدار گرفتار نہ ڪيا تہ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.