پ پ اڳواڻ مون مٿان حملو ڪرايو، پوليس ونگاري آهي: رضيه سهتو

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ حيدر شورو  )  ٽنڊو محمد خان ۾ سماجي عورت اڳواڻ رضيه سهتو مٿان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جي ڀڇ تي ٿيل قاتلاڻي  حملي واري ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سماجي عورت اڳواڻ سميت ضلعي جي قومپرست ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران ضلعي انتظاميه کي جوابدار 48 ڪلاڪن اندر گرفتار نه ڪرڻ جي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي ، ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان ضلعي جي سماجي عورت اڳواڻ رضيه سهتو ، سفت اڳواڻ پپو بلوچ ، ايس ٽي پي اڳواڻ محمد جمن ملاح ،  جسقم اڳواڻ جاويد هاليپوٽو ، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ زاهد جسڪاڻي ۽ ٻين ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن ٽنڊو محمد خان جي ڀرسان ڳوٺ حاجي خالقڏنو سهتو ۾ سماجي عورت اڳواڻ رضيه سهتو برسات ۽ ٻوڏ جي متاثرين ۾ امدادي سامان ۽ دوائون تقسيم ڪرڻ لاءِ ويئي ته ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ پيپلز پارٽي جي وڏيري جي ڀڇ تي حملي آورن قاتلاڻو حملو ڪندي سندس گاڏي جا سمورا شيشا  ٽوڙي ڇڏيا ، جنهن ۾ هُو رڙيون ڪرڻ دوران ٻيا ڳوٺاڻا پهچي وڃڻ تي معجزانه طور بچي ويئي ، هنن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان واقعي جو نوٽيس ته ورتو پر ايف آءِ آر نمبر 2022/75 شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي پوليس بااثر وڏيري ۽ سندس ناٺي جي چوڻ تي سندن نالا شامل نه ڪيا پر الٽو سماجي عورت اڳواڻ رضيه سهتو جيڪا غيرشادي شده آهي هن کي ايف آءِ آر ۾ شادي شده ڄاڻائي پنهنجي پيءُ خدابخش جي زال ڄاڻايو ويو آهي ، جيڪا پوليس وڏيري جي ونگار وهندي ناانصافي ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.