جوهي ۾ بااثر ۽ پوليس جي زيادتين خلاف پورهيت جو احتجاج

جوهي ( ن ع آ ) موبائل چوري جي ڪوڙي الزام ۾ با اثر ۽ پوليس کان تشدد ڪرائڻ تي جوهي شھر جي سيد آباد ڪالوني جي رهواسي  پورهيت  برڪت عرف ڪنڊو سومرو پنهنجن معصوم ٻارڙن ڪوملي، آصف علي،  سجاد سومرو سان گڏجي احتجاجن هٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل پريس ڪلب جوهي دادو مين روڊ تي معصوم ٻارڙن سميت ڌرڻو هنيو ان موقع تي برڪت عرف ڪنڊو سومرو ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هنيو آھي هڪ هفتو اڳ پاڙي ۾ با اثر ۽ ميونسپل ڪاميٽي جوهي جي ملازم غلام نبي جسڪاڻي موبائل چوري جو ڪوڙو الزام هڻي گهران سڏي معصوم ٻارڙن جي سامهون سخت تشدد جو نشانو بڻايو جنهن ۾ ٻانهن زربجي پئي بعد ۾ حڪومتي ڌر جي با اثر وڏيري جي معرفت جوهي ٿاڻي جي وڏي منشي سرور پنهور هٿان گرفتار ڪرائي ٻيهر سخت تشدد بعد بي هونشي حالت ۾ جوهي ٿاڻي ٻاهران اڇلائي هليا ويا هن چيو ته تشدد سبب جسم سڙي رهيو آھي کائڻ ۽ پيئڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي هن چيو ته پاڪ ڪتاب تي هٿ رکي چيو ته موبائل چوري ناهي ڪئي هاڻ تشدد ڪندڙ دهشتگرد ٽولو معاملو لئي مٽي ڪرڻ لاء معافي گهري رهيا آھن انڪار ڪرڻ تي وڌيڪ نقصان پهچائڻ لاء ڌمڪائي رهيا آھن آخر ۾ ھن سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس سيشن جج دادو ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته موبائل چوري جو ڪوڙو الزام لڳائي سخت تشدد ڪندڙ ونگاري جوهي پوليس ۽ ميونسپل ڪاميٽي جوهي جي رڪوري ڪلاڪ غلام نبي جسڪاڻي ۽ ٻين جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڏياريو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ معصوم ٻارڙن سان گڏجي مرحلي وار جوهي بعد دادو حيدراباد پريس ڪلب اڳيان مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جاري رکندس .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.