ٽنڊو محمد خان ۾ سهتا برادري جو عورت سوشل ورڪر خلاف احتجاج

ٽنڊومحمدخان ( ڊر) ٽنڊو محمد خان ۾ سهتا برادري طرفان عورتن مردن جو عورت سوشل ورڪر رضيه سهتو جي خلاف احتجاج ، سندس  داخل ڪرايل ايف آءِ آر ختم ڪرڻ جو مطالبو ، ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ خالقڏنو سهتو جي رهواسي عورتن مردن شيخ ڀرڪيو ٽنڊو محمد خان روڊ تي عورت سوشل ورڪر رضيه سهتو جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ، احتجاجي مظاهري ۾ عورت جي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ عورتن مردن کي بنا جواز شامل ڪرڻ تي ايف آءِ آر ختم ڪرڻ لاءِ نعريبازي ڪئي ، مظاهري ۾ شامل مسمات آمي سهتو ، مسمات شانو سهتو ، عبدالغفار سهتو ۽ ٻين چيو ته عورت سوشل ورڪر رضيه سهتو گهريلو عورتن جي تڪرار کي حملو قرار ڏيئي پنهنجي ڪار جا شيشا هٿ سان ڀڃي ڳوٺ جي عورتن مردن تي ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي جنهن ۾ ڳوٺ جي معززين کي بدنام ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي آهي کيس عورتن جي گهريلو تڪرار کي غلط رنگ ڏيڻ جو پوليس جي اعلى عملدارن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ، فوري طور شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪوڙي ايف آءِ آر ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ اسان سهتا برادري طرفان ٽنڊو محمد خان ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي وينداسين .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.