ٽنڊو آدم ۾ اٽو مهانگو ٿي ويو، پورهيت طبقو سخت پريشان

ٽنڊو آدم (رپورٽ ممتاز حيدري  ) ٽنڊو آدم ۾ اٽو مهانگو  ٿي ويو پورهيت طبقو پريشان سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 4 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ واري اعلان کانپوء ٽنڊو آدم ۾ منافعي خور هٿراو مهانگائي ڪري ڇڏي آھي ۽ شھر ۽ آسپاس ۾ اٽو جي اگھ کي پر لڳي ويا آھن دڪاندارن پاران اٽو 110 کان 125 رپيا في ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪيو پيو وڃي جنهن سبب پورهيت طبقو سخت متاثر ٿي رهيو آھي جڏهن ته انتظاميا پاران اٽو جي وڌندڙ اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ڪي به قدم ناهن کنيا ويا  ۔ ان سلسلي ۾ پورهيت احمد ساند، حنيف مري ، منور علي ، شفيع حاجاڻو دانهيندي چيو ته برساتن ۾ گهر ڊھي پيا ۽ روزگار به ختم ٿي ويو آھي مٿان اٽو جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو جنهن بعد ماني ڳڀو به مشڪل بڻجي ويو هنن وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي آھي ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.