ڪنري ڀرسان زهريلي لسي پيئڻ سبب 12 ڄڻا بيهوش

ڪنري (ت ر) ڪنري ڀرسان زھريلي لسي پيئڻ سبب ھڪ ئي خاندان جا 12 ڄڻا بيھوش ٿي پيا. اسپتال داخل ڪيو ويو. ڪنري ويجھو  ڳوٺ شاھي خان رند ۾ زھريلي لسي پيئڻ سبب ٻارن ۽ عورتن سميت 12 ڄڻا بيھوش ٿي پيا. کيس فوري طور تعلقي اسپتال ڪنري نيو ويو. متاثرن ۾ چمن ڪولھي، ميران، رامون، لڇمي، لڪش، گوري، لڇمڻ، ھيرو، جئرام، رميش ۽ ٻيا شامل آھن، متاثرن ٻڌايو ته ماني سان گڏ لسي پيتي ھئي، جنھن ۾ ڪا زھريلي شيءُ ڪري پئي جنھن سبب اهڙو واقعو پيش ٿيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.