ڏهرڪي پوليس تشدد ۽ تذليل بعد تيزاب پيئندڙ پورهيت اسپتال ۾ فوت

ڏھرڪي  ( ت ر ) ڇھه مھينا اڳ ڏھرڪي شھر جي ريتي روڊ تي دڪان اڳيان ڪار پارڪ ڪرڻ کان روڪڻ تان بااثرن  اسان جي ڀاءَ موٽر مڪينڪ وجيش ڪمار مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو بعد ۾ ڏھرڪي پوليس کي موقعي تي گھرائي مٿس ٻيھر پوليس جو وحشاڻو تشدد ڪرايو. اھڙي تشدد بعد پوليس کيس ناحق گرفتار ڪري ڏھرڪي ٿاڻي تي کڻي سندس تذليل ڪئي. اھڙو اطلاع ملڻ تي مکي نند لال ڏھرڪي ٿاڻي پھچي کيس خاموش رھڻ جي ضمانت تي آزاد ڪرايو. ھو جيئن گھر پھتو ته  سندس حالت انتھائي خراب ٿي وئي. اسان کيس رحيم يار خان کڻائي ويا سين جتان ڊاڪٽرن لاعلاج قرار ڏئي بي دخل ڪري ڇڏيو. بعد ۾ کيس ملتان ۽ ڪراچي جي اسپتالن ڏانھن کڻائي وياسين پر سندس حالت انتھائي ڳڻتي جوڳي ٿيندي وئي. ان ڪري مڙني اسپتالن مان کيس لاعلاج قرار ڏنو ويو اسان جيئن ئي کيس گھر کڻائي آياسين ته ھو فوت ٿي ويو. ھنن چيو ته اسان جي ڀاءِ کي اندروني زخم ھئا جيڪي ڀرجي نه سگھيا. ان ڪري ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت تي ويو آھي  ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڀاءَ کي بااثر صحافي ۽ پوليس ملي ڀڳت سبب قتل ڪيو آھي جنھن جو ڪيس داخل ڪرائينداسين، جيڪڏھن ڏھرڪي پوليس اسان جي ڪيس داخل نه ڪيو ته اسين احتجاج ڪرڻ سان گڏ عدالت جو در کڙڪائينداسين. ھوڏانھن ڇوٻول آھن ته ڇهھ مھينا اڳ صحافين ۽ ڏھرڪي پوليس جي تشدد سبب مايوس ٿيل وجيش ڏھرڪي ٿاڻي تان آزاد ٿيڻ بعد گھر پھچندي ئي تيزاب پيتو ھو جنھن سندس اندر ڳاري ڇڏيو.  جنھن جو ڪيترين ئي اسپتالن مان علاج ڪرايو ويو پر سندس حالت ۾ سڌارو نه آيو ۽  ھو لاعلاج ٿيڻ بعد گھر پھچندي فوت ٿي ويو. ٻئي طرف ھندو ميگھواڙ پنچائت جي مکي نند لال، ايڊووڪيٽ سريش ڪمار، رميش ڪمار ۽ ٻين ايس پي گھوٽڪي کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.