حيدرآباد ۾عورت جو پُٽ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد لطيف آباد پوڻا 4 نمبر جي رهواسڻ مسمات نسيم زال عبدالرئوف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سندس پٽ محمد وليد جولاءِ 28 تي عائشه گل سان پسند جو پرڻو ڪيو هو.، جنهن بعد ڇوڪري جي مائٽن وليد تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو، ڪيس جي ٻڌڻي دوارن عدالت مان موٽندي ڇوڪري جا وارث کيس کنڀي کڻي ويا، جڏهن ته عائشه گل به مائٽن جي قبضي ۾ آهي. هن چيو ته پٽ وليد جي اغوا جي رپورٽ به لاڳاپيل ٿاڻي تي رپورٽ ڏني آهي پر پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هن چيو ته ٻن ڏينهن کان سندس پٽ وليد جو ڪو به ڏس پتو ناهي کيس خدشو آهي ته ڪٿي اغوا ڪندڙ کيس ڪو جاني نقصان پهچائيندا. هن ايس ايس پي حيدرآباد ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سندس پٽ وليد کي اغوا ڪندڙ بااثر پٺاڻن کان آزاد ڪرائي سندس نهنن عائشه کي به بازياب ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.