جاتي جي سامونڊي پٽي تي هٿياربندن جو قبضو، رهواسين جو احتجاج

جاتي (ن ع آ) جاتي جي يونين ڪائونسل ڪڙملڪ ۾ ساحلي پٽي تي قديمي ڍنڍ گڏاپ ۽ سوين ايڪڙ زمين تي بااثر پٺاڻن پاران قبضي ڪرڻ خلاف ڳوٺ عبدالرحمٰن ڌانڌل ۽ بشير ڌانڌل جي رهواسين شير  محمد ڌانڌل،عبدالله ڌانڌل،نظير ڌانڌل،اسحاق ڌانڌل جي اڳواڻي معصوم ٻارن عورتن ۽ مردن احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي رهواسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو بااثر پٺاڻ هٿيارن جي زور تي اسانجي قديمي ڍنڍ ۽ سوين ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن اسان ڳوٺاڻان گذر سفر لاءِ ڍنڍ تي مڇي مارڻ لاءِ وڃون ٿا اسان کي مار ڪٽ ڪري ڍنڍ مان پڪڙيل مڇي به فري اسان کي بڄايو ڇڏين هنن چيو ته اسان جون عورتون پالتو ۽ ڌنار زمين ۾ مال ڪاهي وڃن ٿا ته انهن تي مار ڪٽ ڪن ٿا ۽ ڌڪا ڏيو زمين مان بڄايو ڇڏين هنن وديڪ چيو اسان جا ابا ڏاڏا هن زمين ۽ گڏاپ  ڍنڍ تي روزگار ڪندا هئا جنهن تي بااثر پٺاڻ قابض بڻجي هٿيارن سان ماڻهون ويهاري ڇڏيا آهن ۽ اسان کي ڳوٺ کالي ڪرڻ جون دمڪيون ڏئي رهيا آهن هنن حڪومت سنڌ ۽ اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڍنڍ ۽ زمين تان بااثر پٺاڻن جو قبضو ختم ڪرائي ڏنو وڃي،هنن چيو ته اسان پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪندا رهنداسين ۽ سڀاڻي سومر ڏهاري سوين مهاڻا گڏ ٿي احتجاج ڪنداسين ۽ ڌرڻو پڻ هڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.