شهدادڪوٽ: ٻوڏ متاثرن جو سنڌ سرڪار کان معياري کاڌو ۽ صحت جون سهولتون ڏيڻ جو مطالبو

قمبرشهدادڪوٽ ضلعي ۾ ٻوڏ سبب بي گھر ٿيل متاثر ڪٽنب روڊ، رستن سوڌو سنڌ سرڪار طرفان قائم ڪيل مختلف ٽينٽ سٽيز ترسيل آهن.

ٽينٽ سٽيز ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر موجب معياري کاڌو پيتو نه ملڻ سبب سندن حالت وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي ۽ هو مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.

ان حوالي سان ميروخان تعلقي جي هڪ سرڪاري ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميا روزاني بنياد ڪچا چانور ۽ خراب پاڻي فراهم پئي ڪري جنهن جي کائڻ سان هو چمڙي، گيسٽرو ۽ پيٽ جي سور سميت ٻين بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن.

هنن چيو ته سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته کين معياري کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪري ڏکيائين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.