ڪوٽڙي ۾ شهرين جي صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف ريلي، ڌرڻو

شهرين اڳوڻي ايم پي اي ۽ ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻ سڪندر شورو جي اڳواڻي ۾ شورا هائوس کان المدينا چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ عورتن پڻ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر سڪندر، صادق شورو، بادشاهه ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ميونسپل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي سبب ڪوٽڙي گندگي جي ور چڙهي ويو آهي.

هنن چيو ته برساتن کانپوءِ مک ڪاروباري المدينا چوڪ، لطيف چوڪ، لياقت روڊ ۽ نانگولائين سوڌو ٻيا علائقا مينهن ۽ نالين جي پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن، جڏهن ته هنڌ هنڌ تي ڪچري جا ڍير لڳل آهن.

اڳواڻن چيو ته گندگي سبب شهرين ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، مختلف بيمارين به ڪر کنيو آهي، پر انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندا رڳو ڪرپشن ۾ پورا آهن.

ھنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪندي چيو ته بنا دير شھر مان برسات ۽ نالين جو ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي شھرين کي ڏکيائين کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.