ڪنڌڪوٽ: سياسي سماجي پارٽين ۽ سول سوسائيٽي جو ضلعي ۾ بدامني خلاف احتجاج

آل پارٽيز موومينٽ جي سڏ تي ايس يو پي، ايس ٽي پي، جي يو آءِ ۽ جماعت اسلامي سوڌو مختلف پارٽين جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائيٽي جي ماڻهن گھنٽا گھر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان  موقعي تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته پوليس جي لاپرواهي سبب ڪنڌڪوٽ-ڪشمور ضلعي ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، جنهن ڪري شهرين جي جان ۽ مال غيرمحفوظ بڻيل آهي.

هنن چيو ته ضلعي ۾ چوريون ڦرون، ڌاڙا، اغوا ۽ ٻيا ڏوهه روز جو معمول بڻجي ويا آھن، جنهن جو چٽو مثال ڪجھه ڏينھن اڳ تنگواڻي ۾ پوليس اھلڪار کي سرعام گوليون ھڻي شھيد ڪرڻ آهي.

اڳواڻن سنڌ سرڪار ۽ آءِ جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته ضلعي ۾ بدامني جو نوٽيس وٺي ڏوهن تي ضابطو آڻي ۾امن قائم ڪرايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.