ڊينگيءَ جي پکيڙ، ڪراچي ۾ اسڪولن لاءِ اهم هدايتون جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڊينگي جو مرض تيزيءَ سان پکڙجڻ تي ڪمشنر شهر جي سڀني اسڪولن لاءِ خاص اسٽينڊرڊ آپريٽنگ پروسيجرز (ايس او پيز) جاري ڪري ڇڏيون.

ڪراچي جي ڪمشنر طرفان ڊينگي ۽ مليريا جي حوالي سان جاري ڪيل حفاظتي ايس او پيز سڀني سرڪاري توڙي نجي اسڪولن تي لاڳو ٿينديون.

ڪمشنر آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته سمورن اسڪولن ۾ اسيمبلي ۽ پي ٽي سيشن هڪ مهيني لاءِ معطل رکيو وڃي.

پڌرائيءَ موجب ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ کي ڏسندي شاگرد مڪمل ٻانهن واريون شرٽون پائين، اسڪول انتظاميا مستقل بنيادن تي ڊينگي ۽ مليريا اسپري ڪرائڻ کي يقيني بڻائي، اسڪول جي اڱڻ ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ نه ڏنو وڃي، صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي.

نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سمورا اسڪول مليريا ۽ ڊينگي جي حوالي سان آگاهي سيشن ڪن.

واضح رهي ته نه رڳو ڪراچي پر ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ڊينگيءَ جو مرض تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي ۽ ڪيترائي فوت ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.