انساني الميو، ڪي اين شاهه ۾ پاڻي گهٽجڻ بعد لاش هٿ اچڻ جا لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا

 

خيرپور ناٿن شاهه (ويب ڊيسڪ) خيرپور ناٿن شاهه ۾ پاڻي گهٽ ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه گهرن مان لاش هٿ اچڻ جا واقعا سامهون آيا آهن، هيل تائين گهرن مان 6 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن.

پوليس تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٽن ڏينهن دوران گهرن مان 6 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، اڄ صبح شهباز ڪالوني جي هڪ گهر مان ڍولڻ چانڊيو نالي شخص جو لاش مليو.

پوليس جو چوڻ آهي ته فوت ٿيندڙ ٻوڏ سبب پنهنجي گهرن ۾ سامان جي حفاظت لاءِ ترسيل هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.