چاهيندڙ سان شادي لاءِ ٽن ٻارن ۽ مڙس کي زهر ڏئي ماريندڙ عورت کي موت جي سزا

قاهره (ويب ڊيسڪ) مصر جي هڪ فوجي عدالت 26 ورهين عورت ۽ سندس چاهيندڙ کي ٽن ٻارن ۽ عورت جي مڙس کي زهر ڏئي مارڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.
قاهرا جي قناگورنري جي علائقي نحج حمادي جي فوجي عدالت عورت ۽ سندس عاشق کي موت جي سزا ٻڌائي.
اهو واقعو ڪجهه مهينا اڳ پيش آيو هو، سينٽرل اسپتال جي ملازم سينٽر کي اطلاع ڏنو هو ته کيس 32 ورهين جو شخص ڪوما ۾ پيل مليو آهي ۽ سندس ٽن ٻارن کي زهريلو جوس پياري ماريو ويو آهي.
سيڪيورٽي فورسز جي جاچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي هئي ته مقتول جي زال ۽ ٻارن جي ماءُ پنهنجي چاهيندڙ ڊرائيور سان گڏجي کين زهر ڏئي قتل ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.