انگلينڊ خلاف سيريز، نسيم شاهه خطرناڪ ارادا ظاهر ڪري ڇڏيا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڀرندڙ فاسٽ بالر نسيم شاهه چيو آهي ته ڪوشش هوندي آ هر سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو وڃان.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نسيم شاهه چيو ته انگلينڊ جي ڪنهن هڪ بيٽر کي ٽارگيٽ ناهي ڪيو، هر رانديگر اهم آهي.

هن چيو ته هر سيريز ۾ ڪوشش اها ئي هوندي آهي ته پليئر آف دي سيريز بڻجان، منهنجو فوڪس بالنگ تي آهي پر آخر ۾ رنسن جي ضرورت پئي ته اهي به ٺاهي ٿو سگهان.

سندس چوڻ هو ته انگلينڊ جي ٽيم 17 ورهين کانپوءِ پاڪستان آئي آهي، سيريز وڏي اهميت رکي ٿي، هوم گرائونڊ تي سپورٽرن اڳيان کيڏڻ سان حوصلو وڌندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.