باليووڊ جا ناليوارا اداڪار منشيات وڪڻن ٿا! ناليوارو هدايتڪار ڪڙڪي پيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ جي ناليواري هدايتڪار پرڪاش جها پهرين جوڙ جي اداڪارن کي گٽڪي جي اشتهارن ۾ ڪم ڪرڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب هدايتڪار پرڪاش جها هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ڪنهن به اداڪار جو نالو کڻڻ بدران چيو ته پهرين جوڙ جا اداڪار منهنجي فلمن ۾ ڪم ڇو ڪندا؟ جڏهن انهن کي گٽڪي جي اشتهار جي لاءِ پنجاهه ڪروڙ رپيا ملن ٿا ۽ اهي گٽڪو وڪڻي رهيا آهن.

هن چيو ته ڪيترن ئي شهرن ۾ پهرين جوڙ جي اداڪارن جا گٽڪي جي اشتهارن جا هوڊنگ بورڊ لڳل آهن.

هدايتڪار جو چوڻ هو ته هڪ اسڪول ۾ وڃڻ ٿيو ته پرنسيپال به گٽڪي بابت دانهون ڪيون ۽ چيو ته توهان فلم انڊسٽري ۾ ڇا ڪري رهيا آهيو؟ اسان جي اسڪول جا ٻار ڪيترائي ڀيرا گٽڪا کائيندي پڪڙيا ويا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته وڏي عرصي کان ڪنهن وڏي اداڪار سان ڪا به فلم ناهي ڪئي، جڏهن اداڪار گٽڪو وڪڻڻ کان وڌيڪ مضبوط ڪردار تي ڪم ڪرڻ چاهيندا ته پاڻ ئي مون وٽ ايندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.