”ڪجهه ماڻهو اسٽيبلشمينٽ سان مليل آهي، مون کي باءِ پاس ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪيو“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جو اجلاس گذريل ڏينهن ٿيو هو، جنهن جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.

ذريعن موجب گذريل ڏينهن ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ڪجهه ميمبرن تي ڪاوڙيو ۽ مٿن پارٽي پاليسي تي عمل ڪرڻ تي زور ڏنو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان چيو کيس خبر آهي ته ڪجهه ماڻهو اسٽيبلشمينٽ سان مليل آهن، ڪو ”باءِ پاس“ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري.

ذريعن موجب عمران خان ميمبرن کي پارٽي پاليسي موجب ٽوئيٽ ڪرڻ جو چيو ۽ پارٽي پاليسي تي عمل لاءِ شيرين مزاري کي نگران بڻائي ڇڏيو.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته عمران خان چيو جلد احتجاج جو سڏ ڏئي رهيو آهيان، سڀ تنظيمون فعال گهرجن، عمران خان ڪور ڪميٽي ميمبرن کي احتجاج لاءِ ناڻي جي بندوبست جو به چيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.