صحت جي عالمي اداري سنڌ ۾ ٻوڏ کانپوءِ ”ٻي تباهي“ کان خبردار ڪري ڇڏيو

 

سنڌ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان متاثر ماڻهن ۾ پاڻي سان ٿيندڙ بيماريون پکڙجڻ جي خدشي کي ڏسندي صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) بيماري ۽ موت جي ايندڙ ”ٻي تباهي“ کان خبردار ڪري ڇڏيو.

ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل طرفان اها تنبيهه وزيراعظم شهباز شريف جي قوم کان ٻوڏ متاثرن لاءِ هنگامي بنيادن تي ٻارن جي خوراڪ ۽ ڪمبل عطيو ڪرڻ جي اپيل کانپوءِ سامهون آئي آهي.

پنهنجي بيان ۾ ڊبليو ايڇ او جي سربراهه سرندي وارن تي زور ڏنو آهي ته اهي زندگيون بچائڻ ۽ ٻوڏ سٽيلن کي وڌيڪ مصيبتن کان بچائڻ لاءِ کليل دل سان امداد ڪندا رهن.

هن نشاندهي ڪئي ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاڻي جي سپلاءِ معطل آهي، جنهن سبب ماڻهو غير محفوظ پاڻي پيئڻ جي مجبور آهن، جيڪو مختلف بيمارين جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو.

ڊبليو ايڇ او جي سربراهه خبردار ڪيو ته ڪِنو پاڻي مڇرن جي واڌ ويجهه جو سبب بڻجندو آهي، جنهن سان ڊينگي، مليريا جهڙيون بيماريون پکڙجنديون آهن.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته صحت مرڪز ٻڏي چڪا آهن، ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن، اسان بحران دوران ٿيندڙ نقصانن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪم جاري رکيو پيا اچون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.