سنڌ ۾برساتن تعليم کي متاثر ڪري ڇڏيو: پ ٽ الف

ڊگھڙي(ن ع آ) پ ٽ الف ضلعي ميرپورخاص جي جنرل سيڪريٽري منظور چيليو چيو آهي ته برساتن تعليم کي سخت متاثر ڪيو آهي، اسڪولن ۾ قائم رليف ڪئمپون ٻاهر منتقل ڪري تدريسي عمل شروع ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظھار هن پريس ڪلب ڊگهڙي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو،منظور چيليو جو چوڻ هو ته ڪرونا وائرس جي خطرناڪ وبا کان پوءِ تازو آيل برساتن جتي انساني زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي آهي، اتي تعليم پڻ سخت متاثر ٿي رهي آهي، سوين ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ ھئڻ ڪري انهن ڳوٺن ۾ موجود اسڪول پڻ پاڻي جي گهيري ۾ آهن جڏهن ته ڪيترن ئي سرڪاري اسڪولن ۾ رليف ڪئمپون قائم ڪري برسات متاثرن کي ترسايو ويو آهي، جنهن ڪري تدريسي عمل ٺپ ٿيل آهي، جيڪو عمل سنڌ جي تعليم کي سخت متاثر ڪري رهيو آهي.هن چيو ته شاگرد سنڌ جو مستقبل آهن، انهي مستقل کي بچائڻ لاءِ سرڪار فوري طور تي رليف ڪئمپن ۾ ترسيل برسات متاثرن کي ڪنهن ٻي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪري ته جيئن اسڪولن ۾ تدريسي عمل بحال ٿي سگهي ۽ سنڌ مان برساتن جي ڪري موڪلائي رونقون ٻيهر بحال ٿي سگهن سنڌ جا شهر ڳوٺ ۽ اسڪولون ٻيهر بحال ٿين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.