جهڏي ۾ايئر فورس سنڌڙي بيس پاران ٻوڏ متاثرن ۾ راشن تقسيم

جھڏو(ن ع آ) جھڏو سان تعلق رکندڙ ايئر فورس جي نوجوان جنيد انڙ جي ڪوششن سان ايئر فورس سنڌڙي بيس پاران ٻوڏ متاثرن ۾ پنج سئو راشن جا بيگ ورهايا ويا. گذريل ڏينهن ايئر فورس سنڌڙي ايئرپورٽ بيس ڪمانڊر عمران، سي ڊبليو او ضياءٌَ ۽ سندس ٽيم پاران انڙ هائوس جھڏو تي راشن جا پنج سئو بيگ ورهايا ويا، خشڪ راشن انهن ٻوڏ متاثرن مستحق ماڻهن ۾ تقسيم ڪيو ويو، جيڪي ڏهاڙي وارا مزدور، ريڙها هلائيندڙ، حمالي، بٺا مزدور، هوٽلن تي ڪم ڪندڙ پورهيت، موچي، سر تغاري جو ڪم ڪندڙ مزدور ۽ رازا ۽ بيواهه عورتون شامل هيون. ان موقعي تي ايئر فورس سنڌڙي بيس جي ڪمانڊر عمران ۽ سي ڊبليو او ضياءَ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ٻوڏ جي آيل عذاب ۾ متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏبو، جھڏو سان تعلق رکندڙ ايئر فورس جي نوجوان جنيد انڙ جو چوڻ هو ته هن ٻوڏ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڏهاڙي دار پورهيت ٿيو آهي. پنهنجي وطن جي ماڻهن جي خدمت لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.

ٻوڏ متاثرن جي نئين سر بحالي جو ڪم شروع ڪيو وڃي: سڀاني ڏاهري

حيدرآباد(رپورٽر)سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ عمرا سمون، سنڌو ملاح، ساجده پرهياڙ ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي حڪومت کان گهر ڪئي آهي ٻوڏ متاثر ڌرتي ڌڻين لاءِ جاري ملڪي غير ملڪي امداد جا انگ اکر جاري ڪري متاثرين کي ٻيهر بحالي جو ڪم شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪمرانن سنڌ کي اسرائيل ٺاهي ڇڏيو آهي، جتي ڌرتي ڌڻي مصيبت واري گهڙي ۾ ۾ مشڪلاتن جو شڪار بڻيل آهن. هن چيو ته غير جهموري حڪمرانن رليف جي نالي تي سنڌ جي عوام جي تذليل ڪئي آهي. امداد جي نالي تي متاثرين کي پاڻ وڙهايو پيو وڃي، ڪئمپن اندر بيمار متاثرين جي علاج جون سهولتون توڙي بهتر خوراڪ نالي جي ڪابه شئي موجود نه آهي. ڪئمپن اندر بااثر ماڻهن جا ڇاڙتا متاثرين جي عورتن سان جنسي حراسمينٽ ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ٻوڏ متاثرين بي يارو مددگار بي گهر دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.