ڳڙهي ياسين ۾واهر نه ٿيڻ خلاف ٻوڏ متاثرن جو احتجاج

ڳڙهي ياسين (ن ع آ)ڳڙهي ياسين ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف يوسي نوشھرو ابڙو جي ٻوڏ سٽيل ڳوٺ مير محمد معرفاڻي جي رهواسين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي الطاف حسين معرفاڻي، غلام سرور معرفاڻي، محمد شريف معرفاڻي ڪرم خان معرفاڻي ۽ ٻين دانھيندي چيو ته تعلقي انتظاميه اڃا تائين  ڪا به واهر نه ڪئي آهي نه اسسٽنٽ ڪمشنر ڳڙھي ياسين نه ئي ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور طرفان امدادي سامان فراهم ڪيو ويو.هنن چيو ته ڳوٺ ٻڏل آهي، گهر ڊهي پيا، فصل تباهه ٿي ويا،انتظاميا ڳوٺ مان پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن گهر ڪئي ته پاڻي نيڪال ڪري  امدادي سامان فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.