سوڀوديرو ۾بک ستايلن جو واهر نه ٿيڻ تي ڌرڻو، عملدارن پاران راشن ڏيڻ بدران تذليل

سوڀوديرو (ن ع آ)   سوڀوديرو ۾  بک جي ستايلن برسات متاثرن لوئر سيٺاجا جادو واھڻ ۽  مڏ تپي جي  ڳوٺ علي بخش ڄامڙو جي رھواسين عورتن رضيا،زبيده خاتون، فتح خاتون، حاجرا ۽ مردن راشن نه ملڻ خلاف مختيارڪار سوڀوديرو ۽ اي سي سوڀوديرو جي آفيس گيٽ کان ٻاھر ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، سوڀوديرو جي عملدارن بکايلن کي کاڌ خوراڪ ڏيڻ بجاءِ آفيس احاطي مان ٻاھر ڪڍرائي ڇڏيو ۽ پوليس طلب ڪري ورتي صورتحال سنگين ٿيڻ تي ڊي سي خيرپور کي پڻ اطلاع ڏنو ويو، بک جي ماريل متاثر مردن ۽ عورتن چيو ته اسان ٽن ڏينھن کان سوڀوديرو مختيارڪار آفيس جا ڌڪا کائي رھيا آھيون پر اسان کي سرڪار پاران آيل امداد نه ٿي ڏني وڃي من پسند ماڻھن کي ڏني وڃي ٿي ڳوٺاڻي نظر محمد ڄامڙو الزام ھنيو ته مختيارڪار آفيس سوڀوديرو جي عملي اسان جي تذليل ڪري ڌڪا ڏئي آفيس مان ڪڍي ڇڏيو آھي عملدار بااثر ماڻھن کي امداد ڏين پيا،مختيارڪار سوڀوديرو محمد عثمان مھر عوامي آواز کي ٻڌايو ته ڳوٺاڻا ڪوڙ پيا ھڻن ڪنھن به تذليل ناهي  ڪئي ۔تپيدار مڏ نواب پتافي چيو ته مان متاثرن جي ڳوٺ ۾ نيڪ مرد کي امداد ڏئي آيو آھيان عوامي آواز سوڀوديرو جي رپورٽر تپيدار مڏ کي چيو ته توھان متاثرن بجاء بااثر کي ڳوٺاڻن جي امداد ڇو ڏني تپيدار خاموشي اختيارڪري ورتي ماحول خراب ٿيندو ڏسي مختيارڪار سوڀوديرو محمد عثمان مھر پنھنجي ڪلارڪ ۽ تپيدار مڏ کي چيو ته متاثرن جا نالا لکي انھن کي کاڌ خوراڪ مھيا ڪيو ۽ اھڙو حڪم ڏئي پاڻ آفيس مان کسڪي ويو ڪلارڪ مختيارڪار آفيس سوڀوديرو نبي بخش ناريجو برسات متاثرن کي داٻا ڏيندو رھيو متاثر ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود متاثرن کي امداد نه ملي ته عورتن سميت مختيارڪار آفيس جي گيٽ اڳيان روڊ تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ۽ بکايل متاثر روئندا ۽ پٽون پاراتا ڏيندا رھيا متاثر چيو کاڌ خوراڪ نه ملڻ تائين سڄي رات ويھي رھنداسون امداد ملڻ تائين احتجاج جاري رھندو متاثرن چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ، وڏي وزير، ڪمشنر سکر، ڊي سي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته کاڌ خوراڪ ٽنيٽ مڇردانيون ڏئي بک  بدحالي کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.