ٺٽي ويجهو سنڌوءَ جي پاڻي ۾لاٿ، ٻوڏ متاثرن جي سهائتا نه ٿي

ٺٽو(ڊر) سنڌو درياءَ ۾ ڪوٽري کان ھيٺ پاڻي جي وڏي لاٿ باوجود برسات توڙي ٻوڏ متاثرين جي سھائتا ٿي نه سگھي، جيڪي بدستور کلي آسمان ھيٺ بي يارو مددگار بڻجي ڪنھن مسيحا جا منتظر آھن، ٻئي طرف تازو پيل برسات سبب پير جو ڳوٺ ڀرسان پرديدار سيد خان جي ٻن پورھيتن جا گھر ڊھي پٽ پئجي وڃڻ ڪري سيد خاندان جي پرديدار عورتون مٿان به ڇت جو سايو کڄي ويو آھي، جيڪي ھن سخت گرمي ۾ سخت پريشان حال بڻيل آھن، پر سندن اڃان تائين ڪنھن به سار ناھي لڌي، ھوڏانھن ڀري شيدي موري ڀرسان ڳوٺ نوح ڀٽي بہ اڃان تائين مڪمل برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ اھي، جن جا رھواسي پنھنجا گھر خالي ڪري ڳوٺ ڀرسان روڊ، رستن توڙي بچاء بندن تي اچي پناھ وٺي کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن، جن ڏانھن بہ ضلعي انتظاميہ توڙي چونڊيل نمائندن ڪوبہ ڌيان ناھي ڏنو، برسات متاثر سيد گل محمد شاھ، رمضان عرف رمون ملاح، لڌو ملاح ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي تہ کين تنبو، راشن، مڇردانين سميت ڪريل گھر ٺھرائي کين ٻيھر اجھو مھيا ڪري سندن ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي کين صحت سميت سموريون  بنيادي سھولتون ۽ رليف مھيا ڪري پريشاني کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.