مٺي ۾ ٻوڏ متاثر سوين خاندان دربدر، انتظاميا ڪابه واهر نه ڪئي

مٺي(رپورٽ : غازي بجير ) ٻوڏ متاثر خاندانن جي حڪومتي سطع تي مدد نه ٿيڻ سبب سوين خاندان دربدر ٿي ويا،اُنهي سلسلي ۾ نئوڪوٽ، جهڏو، ڊگهڙي، ميرپورخاص سميت ٻين شهرن جا ٻوڏ متاثر خاندان پنهنجن ٻچن سميت بکن ۾ پاھ ٿي ويا آهن،جڏهن ته ڪيترائي خاندان ٻچن جو پيٽ پالڻ لاءِ شهرن ۾ پنڻ ۽ چندو ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي شهرن ۾ ٻوڏ متاثر خاندان مارڪيٽن ۾ پني ايلاز ڪري رهيا آهن،ڀٽن تي ترسيل خاندان بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،پر ضلعي انتظاميا سميت سنڌ حڪومت متاثرين جي مڪمل مدد ناهي ڪئي،نئوڪوٽ قلعي ڀرسان ڪيٽل فارم وٽ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي به رُڳو نالي ماتر قائم آهي،جتي ويٺل خاندانن کي کاڌي پيتي سميت پيئڻ جي پاڻي جي ڪا سهوليت مهيسر ناهي،مڇرن جي آزار سبب سوين ننڍا توڙي وڏا مليريا ۽ ڊينگي ۾ وٺجي رهيا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.