برسات ۽ بکن ماريل سنڌ واسين لاءِ آيل راشن لڪائڻ جو انڪشاف

ڪوٽڙي( رپورٽ : جبار ڪابورو) سنڌ حڪومت طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ ڏنل امدادي سامان ٽينٽ ۽ راشن ڪوٽڙي سائيٽ  جي ڪوئٽہ مل جي گدام لڪائڻ جو انڪشاف،ڪوٽڙي جي سياسي سماجي صحافين پاران فيڪٽري تي ڇاپو وڊيو وائرل  ٿي وئي،  ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته 15 کان 20 گاڏيون پوليس جي پهري ۾ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيون  پيون وڃن، ٻئي پاسي ڪوٽڙي جي سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هڪ طرف ٻوڏ متاثرين بکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل آهن ٻئي طرف انتظاميا راشن من پسند بنگلن تي رات جي انڌيري ۾ پهچائڻ جو سلسلو جاري آهي، هنن چيو ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ۽ چونديل نمائندن کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي ان معاملي صاف شفاف نموني جاچ ٿيڻ گهرجي هنن سنڌ حڪومت ۽ اعلي اختيارن کان مطالبو ڪيو آهي ته  متاثرن جو امدادي سامان جي جاچ ڪري متاثرن تائين پهچائي وڃي،  ٻئي طرف ڊي سي ڄامشورو سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پر نه  ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.