سيوھڻ ۾ هٿرادو مهانگائي، ٻوڏ ۽ برسات متاثر ڳڀي لاءِ پريشان

سيوھڻ(ن ع آ) سيوھڻ ۾ ٻوڏ اچڻ بعد دادو کان سيوھڻ طرف زميني رابطو ڪٽجڻ بعد عام واھپي واريون شيون منافي خورن مھانگيون ڪري ڇڏيون ۽ اگھ آسمان سان ڳالھيون ڪرڻ لڳا آھن جنھن ۾ سبزي جا اگهھ ڀيڊيون 160 روپيا, ٽماٽا 200 روپيا, پٽاٽا 60 روپيا, بصر 80 روپيا، توري 140 روپيا، گوبي 140 روپيا في ڪلو جي حساب سان مھانگي ملھ ورڪرو ڪئي پئي وڃي جڏھن ته اٽو، 100 کان 110 روپيا، دال منڱ 260 روپيا، دال چڻا 300 روپيا، گيھ 450 روپيا، في ڪلو وڪرو ڪري منافي خورن اھڙي طرح ٻوڏ متاثر عوام کي ٻنهي ھٿن سان ڦري رھيا آهن پر افسوس ته مقامي توڙي ضلعي انتظاميا ان سڄي صورتحال کان بي خبر ٿي منظر تان غائب آهي جنهن ڪري عوام منافعي خورن آڏو بيوس بنيل آهي. سيوھڻ جي ٻوڏ متاثر عوام سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته ھٿرادو مھانگائي ڪري ٻوڏ متاثرن کي لٽيندڙ منافعي خورن خلاف سخت ڪاروائي ڪري مسڪين عوام کي رليف ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.