نئين ڳوٺ لڳ ٻوڏ متاثرن لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي

نئون ڳوٺ (ن ع آ) نئون ڳوٺ لڳ ڳوٺ مٺو ماڇي ۾ مريم فائونڊيشن ڪراچي جي طرفان ٻوڏ متاثر ماڻھن لاء ميڊيڪل فري ڪئمپ لڳائي وئي جتي 700 کان وڌيڪ مرد توڙي عورتن ۽ ٻارڙن کي چيڪ اپ ڪيو ويو جڏھن ته  ٻارڙن ۾ مليريا دست الٽي خارش چمڙي جھڙي بيمايون ھيون جنھن ۾ چمڙي ۽ ٻين بيمارين جي ماھر ڊاڪٽرن مرزا نعمان بيگ عامر فاروقي ڊاڪٽر عبدالباسط ميمڻ ڊاڪٽر مسعود ساھڙ ۽ ليب ٽيڪنيشن طالب لانگاھ پنھنجو خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جون دوائون پڻ مريضن کي ڏنيون ان موقعي تي مريم فائونڊيشن جي باني عبدالرئوف خان ٻڌايو ته اسان ٻوڏ متاثرن جي مختلف ڳوٺن ۾ 4 ڪئمپون لڳائي چڪا آھيون جتي وڏي تعداد ۾ ٻارڙن ۾ مليريا  گيسٽرو ۽ چمڙي جون مختلف بيماريون آھن جن جون سائي مليريا جون ٽيسٽون ڪري پوء انھن جو اعلاج ڪيو وڃي ٿو  ۽ مريم فائونڊيشن جي طرفان ڪئمپ تي ان ڏينهن ٻوڏ متاثرن لاء ماني جو به بندوبست ڪيو ويندو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.