سيٺارجا ۾ڪٺ، پاڻي نه ڪڍڻ تي قومي شاهراهه بند ڪرڻ جي ڌمڪي

سيٺارجا (ن ع آ)  سيٺارجا شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ممتاز حسين سهتو، بشير احمد لنڊ، رسول بخش سهتو ،آفتاب احمد دودو خان لنڊ، اڪرم حاجي، نواب خان لنڊ، صحافي زاهد گل سولنگي، اعظم سولنگي، اميد علي سهتو ۽ ٻين پاران ڪٺ ڪوٺايو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سياسي طرح سيٺارجا ۽ آس پاس جي ڳوٺن کي لاوارث بڻايو ويو آهي ڪوبه نمائندو توڙي ڪامورو لڙي ناهي آيو ڪيترن ئي علائقن گمبٽ، ٽالپروڏا،بوزدار وڏا، ڪنب سميت ٻين وڏن ڍنڍن ۽ ڍورن جو پاڻي سيٺارجا سم نالي ۾ ڇڏڻ سبب ڳوٺ ڄامڙا ، سائيندادسولنگي، ڪوڙو خان هيسباڻي، بهادر خان لنڊ، محبت خاصخيلي، صفر خاصخيلي ، يار محمد جاگراڻي ، وليداد لنڊ، سنجر خان لنڊ، ٻانڌي ڪيريو، ملوڪ سهتو، بادل راڄپر، شهيد آباد، محمد وارث وڏهر سميت 50 کان مٿي ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، سم نالي ۾ ايڏو پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو جنهن جي نيڪال جو ڪوبه انتظام سم نالي جو پمپ اسٽيشن ٻن مهينن کان مڪمل بند هجڻ ڪري پاڻي ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو آ علائقي واسين چندو ڪري موٽر ٺھرايا پر انهن جو تيل سرڪاري طرح نه ملڻ ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ ڪري وڏي تباهي جا امڪان آهن هنن چتاء ڏيندي چيو ته سم نالي جي کاٽي کڻائي هتان جو پاڻي مڪمل طرح ڪڍيو وڃي، ٻي صورت ۾ مهراڻ هاءِ وي تي تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.