سڪرنڊ جي ٽينٽ سٽي ۾ ٽن عورتن ٽن ٻارڙن کي جنم ڏنو

سڪرنڊ  (ن ع آ)  سڪرنڊ ۾ پاڪ آرمي جي تعاون سان لڳل برسات متاثرين جي ٽينٽ سٽي ۾ ٽن عورتن ٽن ٻارڙن کي جنم ڏنو ، جڏھن ته ڪئمپ ۾ موجود ٻارڙن جي تعليم لاء جديد ٽيبليٽ زريعي تعليم جاري، ڊي جي ھيلٿ پاران پڻ ڪئمپ جو دورو ڪيو, سڪرنڊ ۾ پاڪ آرمي جي تعاون سان لڳل ٽينٽ سٽي ۾ برسات متاثرين جي ٻارڙن لاء تعليمي سرگرمي جاري ، ٻارڙن کي ٽيبليٽ ۽ ڪمپيوٽر زريعي ٻارڙن کي تعليم ڏني پئي وڃي ، جڏھن ته تعلقي اسپتال سڪرنڊ پاران ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳائي وئي جتي دوائن سان گڏ  183مريضن جون مختلف ٽيسٽون ڪيون ويون جنھن ۾  عورت مردن به شامل آھن ، جڏھن ته ٽيسٽن دوران 16 ماڻھن کي سائي ظاھر ٿي پئي انھن مريضن جو اعلاج شروع ڪيو ويو آھي ، جڏھن ته ڪئمپ ۾ موجود ڳورھاري ٽن عورتن کي پاڪ آرمي پاران ريسڪيو ڪري تعلقه اسپتال سڪرنڊ پھچايو جتي الڳ الڳ ٽن عورتن ٽن ٻارڙن کي جنم پڻ ڏنو ، جڏھن ته ان موقعي تي سي ڊي ايف جي چيئرمين عبدالحميد آرائين چيو ته ڪئمپ ۾ تعليم سان گڏ ٻارڙن کي ڪپيوٽر ۽ ٽيبليٽ زريعي جديد ڪمپيوٽر جي تعليم ڏئي رھيا آھيون ، پاڪ آرمي سڪرنڊ جي ڪئمپ جي انچارج ٻڌايو ته ھن ڪئمپ ۾ کاڌ خوراڪ سان گڏوگڏ طبي سھولتون به ڏئي رھيا آھيون ۽ ڪئمپ ۾ موجود ٻارڙن جي تعليم تي به ڌيان ڏئي رھيا آھيون ، ٻن ڏينھن اندر ٽن ڳورھاري عورتن کي فوري طور ريسڪيو ڪري تعلقه اسپتال سڪرنڊ پھچايو،  اھي ٽئي ٻارڙا ۽ عورتون ڪئمپ ۾ موجود آھن ۽ انھن جي ديک بحال سٺي ٿي رھي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.