جمال شاهه ۾ ڳوٺاڻن جو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ خلاف احتجاج

جمال شاھه (ن ع آ)جمال شاھ ڀرسان گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول علي بخش زرداري جي ريليف ڪيمپ ۾ ترسيل برسات متاثر ڳوٺ جن ۾ سومر خان جوکيو، علي بخش زرداري ۽ دولت ملاح جي رھواسين پاران ساجن جوکيو، ٽوھ مھر ۽ اسلم ملاح جي اڳواڻي ۾ ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ انتظاميہ پاران واھر نه ڪرڻ خلاف پريس ڪلب جمال شاھ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي ھنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ٽن مھينن کان بي گھر ٿي اسڪول ۾ رھائش ڪئي آهي، پر ھن مھل تائين تڪ جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي سميت ڪو بہ چونڊيل نمائندو لڙي نہ آيو آھي، معصوم ٻچڙا بک تي بي حال ٿي ويٺل آهن، جيڪي مليريا سميت چمڙي جي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن، انتظاميہ پاران ھتي ميڊيڪل ڪيمپ بہ نہ لڳائي وئي آهي، جڏھن ته پيپلز پارٽي تعلقي قاضي احمد جي صدر سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو آھي تہ يونين ڪائونسل مھراڙو ۾ راشن تقسيم ڪئي آهي، جيڪو سراسر ڪوڙو ۽ سياسي بيان آھي، ھتي ڪنهن کي ڪجھہ بہ نہ مليو آهي، يونين ڪائونسل جو چيئرمين ۽ ضلعي ڪائونسلر بہ ڪا سار نہ لڌي آھي، فقط ڪجھ من پسند ماڻهن کي نوازيو ويو آھي، ھنن ضلعي شھيد بينظير آباد جي انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته گھرن مان پاڻي نيڪال ڪرائي، راشن ۽ ٽينٽ ڏئي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.