نوابشاهه مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيو، شهري سراپا احتجاج

نوابشاھه (بيورو رپورٽ) نوابشاھ جي علائقي گلشن شھباز فيز 3، مزمل ڪالوني، اختيار ڪالوني، بختيار ڪالوني، گلشن آدم ڪالوني جي رھواسين پاران قادر بخش چانڊيو، اسد علي رند، مريد مستوئي، عبدالمجيد مستوئي ۽ ٻين ڪالونين مان برسات جو پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ خلاف نوابشاھ پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاھرو ڪيو انھي موقعي تي مظاھرين ميڊيا آڏو دانھيندي چيو تہ برسات کي مھينو گذرڻ باوجود اسان جي علائقي مان برسات ۽ ڊرينيج جو پاڻي نيڪال نہ ڪيو ويو آھي ھنن چيو تہ ھينئر بہ اسان جي علائقن ۽ گھرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آھي اسان ضلعي انتظاميہ توڙي ميونسپل ڪاميٽي کي بار بار شڪايت ڪري چڪا آھيون ٺلھا دلاسا ڏئي ٽاري ڇڏين ٿا ھنن چيو تہ اسان جا ٻچڙا مرد توڙي عورتون وڏي مشڪلاتن کي منھن ڏئي رھيا آھن ھنن چيو تہ قاضي احمد روڊ ڀرسان قائم موري کي ڪٽ ڏئي شھر جو پاڻي اسان جي علائقن ۾ ڇڏيو آھي ھنن چيو تہ ڪجھ ڏينھن اڳ ۾ پٺاڻن جا ٻہ ٻار پاڻي ٻُڏي فوت ٿيا ھئا جنھن باوجود بہ اڃان تائين اسان جي علائقن مان پاڻي نيڪال نٿو ڪيو وڃي ھنن ضلعي انتظاميہ کان مطالبو ڪيو تہ اسان جي علائقن مان برسات ۽ ڊرينيج جو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.