کهڙا مان  پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري بيمارين منهن ڪڍيو

کهڙا (ن ع آ) کهڙا شھر ۾ ھڪ مهينو گذرڻ جي باوجود به برساتي ۽ سم نالي جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي اڌ شھر برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھي غريب آباد. ڀٽائي آباد. موسن شاه ڪالوني. فقير محله ۽ ٻيا ڪيترائي محله ڪالونيون تباه ٿي ويون آھن سوين گهر ڪري پٽ ٿي ويا آھن سوين گهرن ۾ چيلهه جيڏو برساتي پاڻي اڃان تائين بيٺل آھي رهواسين لڏ پلاڻ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آھي هزارين خاندان دربدر ٿي دربدري واري زندگي گذرڻ لڳا آھن سوين برسات متاثر کلي آسمان هيٺ روڊن رستن. واهن. شاخن جي ڪپرن تي بي يارو مددگار ويٺل آھن کهڙا جي برسات متاثرن جي ڪابه سار ناهي لڌي وئي ۽ نه ئي سندن کي ڪا سرڪاري امداد ڏني وئي آھي برسات متاثر بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن آيل راشن به من پسند ماڻھن حوالي ٿيڻ لڳو آھي جڏھن ته برساتي پاڻي بيٺل هجڻ سبب مختلف قسمن جي خطرناڪ بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آھي شھر جا سوين ماڻھون مرد. عورتون توڙي ٻارڙا مليريا. گيسٽرو. ڊائريا. کنگهه. زڪام. چمڙي. دست. الٽي. پيٽ ۾ سور ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿي بستر ڀيڙا ٿي ويا آھن، هتان جي شھرين مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته شھر ۾ مفت ميڊيڪل ڪئمپون لڳايون وڃن ۽ شھرين کي مڇرن جون ڄاريون فراهم ڪيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.