سٽيزن ڪميٽي جا ميمبر خيرپور جي ٻوڏ متاثرن وٽ پهتا، کاڌ خوراڪ جي ڄاڻ ورتي

خيرپور (س ر ) سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم تحت ٻوڏ متاثرين ک رليف فراهم ڪرڻ لاء  جوڙيل سٽيزن ڪاميٽي جي ميمبر ،  سول اسپتال خيرپور جي ايم ايس ڊاڪٽر زاهده سومرو ٽينٽ سٽي خيرپور جو اوچتو دورو ڪيو ، دوري دوران ڊاڪٽر زاهده سومرو ٽينٽ سٽي ۾ موجود ماڻھن کي صحت جون سهولتن ، ڳورهاري عورتن ، ٻارڙن کي درپيش نيوٽريشن کوٽ ۽ معاري کاڌ خوراڪ بابت ڄاڻ ورتي ، ان موقعي تي ڊاڪٽر زاهده سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ متاثرين کي سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم تي ٽينٽ سٽي خيرپور ۾ صحت جون بنيادي ۽  ضروري سهولت فراهم ڪرڻ  لاء سول اسپتال خيرپور ۽ صحت کاتي جي سهڪار سان ٽينٽ سٽي خيرپور ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي آھي، ڊاڪٽر زاهده سومرو وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميان پاران ٽينٽ سٽي ۾ ٻوڏ متاثرين کي رهائش ، کاڌ خوراڪ ، سيڪيورٽي سميت بنيادي ۽ضروري سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.