ڊگهڙيءَ ڀرسان موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ ٻوڏمتاثر ٻارڙو زخمي

ڊگھڙي (ن ع آ) ڊگهڙي ڀرسان ميرپورخاص روڍ تي موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ ٻوڏ متاثر  خاندان جو ٻارڙو 10 ورھين جو اصغر پٽ اڪرم ماڇي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي تعلقي اسپتال پھچايو ويو جتي ڊاڪٽرن طرفان طبي امداد پڻ ڏني وئي

جروار ۾ مليريا ۽ گيسٽرو پکڙجڻ بعد هيلٿ ايمرجنسي لاڳو

جروار (ن ع آ)جروار جي تيزي سان مليريا ۽ گيسٽرو پکڙجڻ ،سبب موجوده صورتحال جي پيش نظر ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي هدايت تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر باقر يوسف هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪندي جروار جي متاثر ڳوٺن مير خان گبول، محمد مراد گبول ۽ نبي بخش گبول ۾ هيلٿ ايمرجنسي  لاڳو ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ صحت کاتي جون 2 ٽيمون ضروري دوائن سميت ڄاڻايل علائقن ۾ 18 کان 20 سيپٽمبر تائين متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪنديون. ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر متاثر علائقن ۾ مڇرمار اسپري مهم کي به تيز ڪرڻ جون هدايتون به جاري ڪيون آھن.

پاڪ فضائيه طرفان ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروائيون

ڪراچي (اي پي پي)پاڪ فضائيه طرفان سنڌ، خيبر پختونخوا، بلوچستان ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروائيون ۽ ڊيزاسٽر رليف آپريشنز جاري آهن. پاڪ فضائيه طرفان جاري ڪيل بيان مطابق پاڪ فضائيه جي ريجنل ڪمانڊرز ۽ ايئر بيسز ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ، رهائش، طبي سهولتن ۽ ضروري سامان جي فراهمي ۾ سرگرم عمل آهي. پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن علائق 4848 خيما، 3 لک 77457 تيار کاڌي جا پيڪيٽ، 3095.25 ٽن خشڪ راشن ۽ 231693 ليٽر صاف پاڻي فراهم ڪيو. پاڪ فضائيه 45 ميڊيڪل ڪيمپون پڻ قائم ڪيون جتي هن وقت تائين 56559 مريضن جو طبي معائنو ڪيو ويو. 19807 ماڻهن جي رهائش لاءِ 20 ٽينٽ سٽيز ۽ 54 رليف ڪيمپون پڻ قائم ڪيون آهن. پاڪ فضائيه جا هيليڪاپٽر ۽ ٽرانسپورٽ فليٽ پڻ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 255 اڏامون ڪيون ۽ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڦاٿل 99 ماڻهن کي حفاظت سان ڪڍي ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.