ٺٽي جي ڳوٺ اسحاق سنگھار واسي بي يارو مددگار ويٺل

ٺٽو(ڊر) ٺٽي لڳ يوسي ٻجورا جو ڪچي جو وڏي آبادي وارو ڳوٺ اسحاق سنگھار پڻ سنڌو درياء جي آيل ٻوڏ جي ور چڙھي ٻڏي ويو آھي، جنھن جا رھواسي ھن وقت کليل آسمان ھيٺ بي يارو مددگار ويٺل آھن، جن جي به سھائتا ٿي ناھي سگھي، ان سلسلي ۾ ٻوڏ متاثرين شاھجھان سنگھار ۽ ٻين چيو تہ تازو سنڌو درياء ۾ آيل وڏي ٻوڏ ٻين ڳوٺن سان گڏ سندن ڳوٺ کي بہ بوڙي ڇڏيو آھي، جنھن ڪري اسان سمورا متاثر ڳوٺاڻا پنھنجن ٻچن سان گڏ درياء جي حفاظتي بچاء بندن تي انتھائي تنگدستي واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آھن، پر کين تنبو، راشن، پيئڻ جي صاف پاڻي، صحت جي سھوليتن سان گڏ ڪابہ امداد توڙي رليف ملي ناھي سگھيو، شاھجھان سنگھار ۽ ٻين چيو تہ اسان پ پ پ جا پراڻا ورڪر آھيون، اسان ٺٽي کان وٺي اسلام آباد تائين پارٽي سان گڏ وڏا ڪشالا ڪڍي لانگ مارچ ڪيا آھن، پر اڄ جڏھن اسانتي مصيبت جو وقت آيو آھي ته پارٽي اڳواڻن سميت سنڌ سرڪار، ضلعي انتظاميہ ۽ چونڊيل نمائندن کين وساري ساڻن تعاون ڪرڻ لاء بہ تيار ناھن، ھنن پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت سمورن وس وارن کان واهر ڪرڻ جي گهر ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.