هالاڻي ۾ سنڌي سنگت آسٽريليا طرفان مفت طبي ڪئمپ

ھالاڻي (ن ع آ)ھالاڻي ڀرسان ڳوٺ کانتو مھيسر ۾ ايم ايس ڊاڪٽر ذوالفقار علي سھتو، ڊاڪٽر باقر علي ابڙو، ميڊم ڊاڪٽرس عقيله پروين رقيه سومرو، سميه سولنگي ۽ ٻين برسات متاثرن عورتن ٻارن پوڙھن جو معائنو ڪري مفت دوائون ڏنيون، جنھن ۾ مليريا، ٽائيفڊ،ھيپاٽائيٽس،بي سي، گئسٽرو الٽي بخار خارش سميت مختلف بيمارين جي ٽيسٽون ڪري مختلف ڳوٺن جي آسپاس جي سوين برسات متاثرن جي مريضن کي چڪاسي مفت ۾ دوائون ڏنيون، ان موقعي تي ايم ايس ڊاڪٽر ذوالفقار علي سھتو چيو ته برسات سبب ماڻهو مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن جنھن لاءِ اسان مفت طبي ڪئمپ قائم ڪري انھن کي مفت دوائون ڏئي رهيا آهيون ھن ڪئمپ لڳرائڻ ۾ خاص تعاون سابقه ڪائونسلر اظھر علي مھيسر۔ خليل احمد مھيسر اطھر علي مھيسر ۽ ڪائونسلر الله رکيو مھيسر جن جو ھيا ان موقعي تي سابقه ڪائونسلر اظھر علي مھيسر چيو ت اسانجو ڪنھن ب ماڻھوء مٿان ٿورو يا احسان ن آھي پر اسان مٿان اھو فرض عائد ٿئي ٿو ت اسان برسات متاثرن جي ھن مشڪل گھڙيءَ ۾ مالڪي ڪيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.