خانپورمهر:گاجي مائينر کي لڳل گهارو بند نه ٿيو، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ، لڏپلاڻ

خانپورمهر (ن ع آ) خانپورمهر ويجهو سردارڳڙھ واري علائقي ۾ گاجي مائينر کي لڳل گهارن سبب پاڻي جي تيز وهڪرن کي رستو نه ملڻ ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جڏهن ته سونهارو پٽ واري علائقي ۾ لڳل ٽي گهارا بند نه ٿيڻ ڪري پاڻي مينهون مهر پٽ مڪمل ٻوڙڻ بعد عزت واريءِ طرف وڌڻ لڳو آهي، پاڻي جي تيز وهڪري کي رستو نہ ملڻ ڪري عزت واريءَ ۽ سردار ڳڙھ روڊ ڪراس ڪري ويو آهي جنهن سبب آمد رفت معطل ٿي وئي آهي،ڳوٺ ڀنڀو مهر، خميسو مهر ،محمد ابراهيم مهر، محمد پريل مهر ،منشي مينهون مهر ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جنهن سبب رهواسي سخت پريشان آهن، هوڏانهن ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ بعد ماڻهو خوف وچان اجها ڇڏي واريءِ جي دڙن تي لڏ پلاڻ ڪري ويا آهن، ان حوالي متاثرن ٻڌايو آهي ته انتظاميا گاجي مائينر کي لڳل گهارن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش به نه ڪئي آهي، اسان جا ڳوٺ گھر تباهه ٿي ويا آهن پاڻي گهرن ۾ بيٺل آهي پر هن مهل تائين ڪنهن به سار نه لڌي آهي هنن مطالبو ڪيو آهي ته گاجي مائينر کي لڳل گهارن کي بند ڪري نقصان کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.