لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ طبي ڪئمپ بعد ليبارٽري قائم

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ قائم ڪيل خيمه بستي ۾ ترسيل متاثر مليريا، گيسٽرو، دستن ۽ الٽين جي بيماري م مبتلا ٿي ويا، انتظاميه طرفان ميڊيڪل ڪئمپ لڳائڻ بعد لبياريٽري قائم ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو جي هدايتن تي پي پي ايڇ آءِ طرفان شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ قائم ڪيل خيمه بستي ۾ ميڊيڪل ڪيمپ سان گڏوگڏ ليباريٽري پڻ قائم ڪئي  وئي آهي جنهن ۾ مختلف بيمارين جا ماهر ڊاڪٽر ڪئمپن ۾ ترسيل ماڻهن جو علاج ڪري کين مفت دوائون ڏئي رهيا آهن. ڪئمپ تي موجود ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل عملي طرفان ڪالهه سوين مريضن جي طبي معائنو ڪري سندن مليريا، گيسٽرو، ڊائريا ۽ ٻين مرضن جون ٽيسٽون ڪيون ۽ مثبت ڪيس اچڻ تي کين مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون. ان موقعي تي ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته ڪئمپين ۾ رهندڙ ماڻهن کي اڪثر ڪري مليريا، گيسٽرو، دستن ۽ الٽين جي شڪايت ٿي رهي آهي، ان لاءِ کين چڪاس ڪرڻ کانپوءِ مفت دوائون ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته برساتن کانپوءِ مليريا ۽ ٻين مرضن ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته مريضن جي مليريا ۽ ٻين بيمارين جون ٽيسٽون به ڪيون پيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.