مڪلي تي ڊيوٽي ڪندڙ اهلڪار جي ڄنگهه ڀڄي پئي ڪراچي منتقل

ٺٽو(ڊر) 3 ڏينھن اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي ٺٽي جي دوري دوران ٽاڪ منجهند ۾ مڪلي بائي پاس تي ڊيوٽي ڪندڙ ٽريفڪ اهلڪار عبدالڪريم مڱڻھار تيز گرميءَ جي سَٽَ نه سهندي بيهوش ٿي روڊ تي ڪري پوڻ ڪري سندس ٽنگ جو گولو ٽٽي پوڻ ڪري ھن وقت گلشن حديد ڪراچي جي پرائيويٽ ھڏي جوڙ واري اسپتال ۾ زير علاج آھي، وٽس ايترا پئسا نہ ھجڻ ڪري ھو پنھنجو بھتر علاج ڪرائڻ کان بہ قاصر بڻيل آھي، پر پوليس کاتي پاران سندس اڃان تائين ڪابہ واھر ناھي ڪئي ويئي، اسپتال ۾ ڊاڪٽرن پوليس اھلڪار عبدالڪريم مڱڻھار کي آپريشن جو خرچ 2 لک روپيا ٻڌائي زخمي اهلڪار مٿان ڄڻ وڄ ڪيرائي ڇڏي آھي، پر سندس دوستن همت ڪري سندس آپريشن جي عمل کي جاري ڪرايو آھي، پر افسوس جو اڃان تائين پوليس کاتي ٺٽي طرفان گرمي ۽ سرديءَ جي موسم ۾ قانون جي بالادستيءَ کي قائم رکڻ لاءَ ڏينهن جا 10 ڪلاڪ روڊ تي ڊيوٽيون ايمانداري سان ادا ڪرڻ باوجود کين اتفاقي پيش ايندڙ حادثن ۾ بہ کاتي جا عملدار ڪابہ مدد ڪرڻ لاء تيار ناھن،معذور بڻيل پوليس اھلڪارن جي وارثن وڏي وزير، آءِ جي  سنڌ،  ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو، ڊي سي ٺٽو، چونڊيل نمائندن سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ زخمي ٿيل پوليس اھلڪار عبدالڪريم جو علاج ڪرائي معذوري کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.