پنو عاقل:ايس ايڇ او رضا ڳوٺ معطل ۽ گرفتار، مٿس ڪيس داخل

پنوعاقل( رپورٽ: رستم انڍڙ)پنوعاقل جي رضا ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ چار ڏينهن اڳ قتل ٿيل نينگري جي ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي،نينگري کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو، ايس ايڇ او رضا ڳوٺ معطل ۽ گرفتار ڪري مٿس ڪيس به داخل ڪيا ويا، چار ڏينهن اڳ نينگري سنگھار مھر کي جوابدارن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو ھو ،وارثن پاران نامعلوم چورن تي قتل ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو ھو،نينگر سنگھار کي ڪارنھن الزام ھيٺ وارثن پاران قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي،ايس ايس پي سکر ۽ ڊي آئي جي معاملي جو نوٽيس وٺي ڪري جاچ ايس اي ايڇ او پٽڻي حوالي ڪئي،جاچ ۾ انڪشاف ٿيو ته ايس ايڇ او رضا ڳوٺ قتل ڪيس کي لڪائڻ لاءِ جوابدارن جي مدعيت۾ ڪيس داخل ڪري مخالفن کي ڦاسائڻ چاھيو پئي،انڪوائري۾ انڪشاف ٿيو ته ايس ايڇ او اطھر مھر جوابدارن سان ملي ڪري مخالفن کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ۽ قتل جا ثبوت به مٽائي ڇڏيا،انڪوائري رپورٽ کانپوءِ ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ جي ھدايت تي پوليس سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ايس ايڇ او اطھر مھر سميت چئن جوابدارن کي نامزد ڪري ڇڏيو آھي،ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل ايس ايڇ او اطھر مھر کي گرفتار ڪيو ويو آھي جڏھن ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آھن،ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ وڌيڪ جاچ لاءِ اي ايس پي سٽي جي سربراهي۾ ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.