ڪنري ڀرسان مرگھي جي مرض کان تنگ ٿي نوجوان جو آپگھات

ڪنري (ت ر) ڪنري ڀرسان بودرفارم ٿاڻي جي حد ڳوٺ حيدر خان بنگلاڻي ۾ 25 سالن جي مگھو پٽ مانو ڪولھي زھريلي دوا پي ڇڏي، کيس سول اسپتال نيو ويو پر زھر جسم ۾ ڦھلجڻ سبب سندس حياتي نه بچي سگھي ۽ نوجوان فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان مگھو ڪولھي جي وارثن ٻڌايو ته مگھو ڳچ عرصي کان مرگھي جي بيماري ۾ مبتلا هو، جنھن کان تنگ اچي دوا پيتي ھئي، جنھن عمرڪوٽ جي اسپتال ۾ دم ڏنو. فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.