افسوس ته ٻوڏ متاثر عورتن لاءِ اسان انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا بڻيل آهيون!

ويجھڙ، مئڊم فهميده حسين فيس بڪ تي ٻوڏ متاثر عورتن سان ڪئمپن اندر مردن پاران ٿيندڙ زيادتين ۽ بداخلاقين ڏانهن هڪ ليک ذريعي جيڪو ڌيان ڇڪايو هو تنهن جو حڪومتي سطح تي يا عورتن جي تنظيمن ڪيترو نوٽيس ورتو آهي تنهن حوالي سان ڪا خاص اڳڀرائي ٿيندي نظر نه آئي آهي.

عورتون جيڪي حقيقي معنيٰ ۾ گھرن اندر به محفوظ ناهن هونديون ٻيو ته ڇڏيو جتي ساهه به پنهنجي مرضي تي ناهن کڻنديون سي عورتون جيڪڏهن چوديواري کان ٻاهر کليل آسمان هيٺان ٻوڏ متاثرن وارو انتهائي لاوارثي وارو دردناڪ روپ اوڙهي ويٺل هجن ته اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سندن سمورو وجود، سندن عزت نفس، شرم حياءُ سڀ ڪجهه ڪيترو محفوظ هوندا. ٻيو ته انهن جا مخصوص عورتاڻا ۽ طبي مسئلا به هوندا آهن جيڪي اهي عورتن سان ئي سلي سگھن ٿيون ۽ عورتون ئي سندن اهي مسئلا حل ڪري سگھن ٿيون. بک، غربت، دربدري، ڳوٺن ۽ گھرن جو تباهه ٿيڻ، ٻارڙن جو انتظار، بيماريون، کليل آسمان هيٺ رهڻ جو عذاب، مڇرن، جيتن ۽ بلائن کي منهن ڏيڻ وارا معاملا ته پنهنجي جاءِ تي هانو ڏاڙيندڙ آهن ئي آهن پر عورتن جا جيڪي مخصوص مسئلا هوندا آهن تن بابت ڇا حڪومت ڪڏهن سوچيو آهي؟

جيڪڏهن سوچيو هجي ته پاڻ کي ان قسم جا انتظام ڪٿي به ٿيل ڇو نٿا نظر اچن. ڪنهن به اهو رپورٽ ناهي ڪيو ته حڪومت عورتن جي احترام ۽ تحفظ لاءِ ڌار ڪئمپون قائم ڪيون آهن ۽ انهن لاءِ اتي پوليس عورتن کي مقرر ڪيو ويو آهي يا سندن صحت جي مامرن کي ڏسڻ لاءِ صحت کاتي ۾ڪم ڪندڙ عورتن کي هنگامي بنيادن تي اتي مقرر ڪرايو ويو آهي. باوجود ان جي ته صوبائي حڪومت هجي يا وفاقي انهن حڪومتن ۾ عورتون به وڏي تعداد ۾ موجود آهن پر ڪنهن به حڪومتي عورت ان حوالي ۾ ڪو آواز ناهي اٿاريو ۽ نه ئي اهڙن انتظامن کي يقيني بڻائڻ جو ڪو بندوبست ڪيو آهي. نه ئي اين جي اوز جي ڪنهن تنظيم ان حوالي سان فوري طور تي ڪو پراجيڪٽ شروع ڪيو آهي.

ائين ٿو ڀائنجي ته ٻوڏ متاثر عورتن جي حوالي سان ڄڻ اسين سڀ انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا آهيون. سندن حالت زار کي نه ڏسڻ ٿا چاهيون نه ان تي ڳالهائڻ ٿا گھرون ۽ نه ئي سندن مسئلن، پيڙائن ۽ اهنجن کي ڪن ڏئي ٻڌڻ ٿا چاهيون. اهي عورتون ڪئمپن ۾ ڪيئن ٿيون ويم ڪرائين، ڪيئن ٿيون ٻار ڄڻن، ڪهڙين بدترين حالتن ۾ سندن ويم ٿيا آهن، اهي سڀ الڳ الڳ المياتي ڪهاڻيون آهن.

ڪاڏي ويون اسان جون عورتن متعلق اخلاقي روايتون، ڪٿي آهي ست قرآن اسانجي اڄوڪي عورت، اها عورت ڪٿي آهي جنهن کي ڏسي ڌاڙيل ۽ چور وارداتون ڪرڻ ڇڏي ڏيندا هئا ۽ عورت جي فرياد تي قبيلائي دشمنيون ختم ڪري ڇڏبيون هيون. اڄ هن جديد دور جي معاشري ۾ عورت کي اها عزت به ميسر ناهي جيڪا قديم دور ۾ عورت کي ملندي هئي.

اڄ عورت ٻوڏ متاثر آهي، ڏکايل آهي، تڪليف ۾ آهي، آفت سٽيل آهي، مجال آهي جو مرداڻي سماج کي انهن تي ڪو رحم اچي. اهو مرداڻو سماج هن حالت ۾ به عورتن سان زيادتيون ڪري رهيو آهي. ٻوڏ متاثر عورتون آخر ڪنهن کي دانهن ڏين، ڪنهن سان سور سلين ۽ ڪير سندن داد فرياد ٻڌندو، آخر اهي ٻوڏ متاثر عورتون ڪنهن تي ڀاڙين، ڪنهن کي پنهنجو ڏڍ ۽ آٿت بڻائين. ايڏي بي وسي حڪومتون  هوندي ويچاريون ڀوڳي رهيون آهن ۽ رت جا ڳوڙها وهائي رهيون آهن.

اصولي طور تي سندن آسرو، اميدون، ويساهه سڀ حڪومت هئڻ گھرجي، جن کي انهن ووٽ ڏنو. ان حڪومت کي اهڙو انفراسٽريڪچر ٺاهڻ گھرجي ها جو عوام ايڏو دربدر ئي جيڪر نه ٿئي ها سو هڪ ته حڪومت اڳواٽ اهڙو ڪو مضبوط بندوبست نه ڪيو، اهڙو سگھارو انفراسٽريڪچر نه جوڙيو باوجود ان جي ته سال 2010 واري ٻوڏ جو سنڌ حڪومت کي انتهائي تلخ تجربو ٿي چڪو هجي. ٻيو ته هر سال اسان حڪومت کي ياد ڏياريندا ايندا آهيون ته هر سال چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏن جو امڪان هوندو آهي تنهن ڪري حڪومت هر سال واهن جو کوٽايون ڪرائي. بند مضبوط کان مضبوط ڪري، درياهن لنگهن ۾ ڪنهن به قسم جي رنـڊڪ نه وجهي پر جڏهن درياهه جي پيٽ ۾ ئي ڳوٺ ٺهندا، فصل پوکيا ويندا ته ٻوڏ جي صورت ۾ ظاهر آهي ته سڀ ڪجهه ئي لڙهي ويندو. ڳوٺ، گھر، فصل، مال ۽ ماڻهو پر حڪومت ڪڏهن به ان معاملي تي نه سوچيو ۽ نه ئي سنجيدگي سان حڪمت عملي ٺاهي.

هڪ اهو ٻيو ظلم ته آفتن ۽ ٻوڏن کي منهن ڏيڻ جي ڪا ڳوڙهي رٿابندي ناهي ڪئي وئي. انهن رٿا بندين ۾ گھرن، فصلن، مال جي نقصانن جو ازالو، پاڻي جي فوري نيڪال جو بندوبست، وبائي بيمارين کان بچاءُ جو انتظام ۽ خاص ڪري عورتن لاءِ ڌار پراجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ جو هوم ورڪ هئڻ گھرجي ها جنهن تي ويچاريو ئي نه ويو آهي، جنهن کي مجرماڻي غلطي نه چئجي ڇا چئجي. اهو به نه سوچيو ويو ته آفتن ۾ ڪيئن مختلف شعبن کي ڪتب آڻجي. ٻاهرين ملڪن طرفان امداد ۽ پئسا ملن ٿا ته حڪومت ئي چوي ٿي اهي حڪومت کان وڌيڪ طاقتورا دارا کائي ٿا وڃن. مطلب حڪومت هاڻي به بي وس آهي. جيڪا حڪومت پاڻ لاچار ۽بي وس  هجي سا هنن آفتن کي ڪيئن منهن ڏيندي؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.