لاڳيتا بحران ملڪ جي ترقي ۾ رنڊڪ

غلام حسين جوڻو

ٿورو غور ڪبو ته ، اسان جي پياري ملڪ پاڪستان ۾ هر وقت ڪيترائي مسئلا ڪر کنيو بيٺا آهن. سرحدي ڇڪتاڻ ، بيروزگاري ، جهيڙا ۽ وڌندڙ انتهاپسندي وغيره جهڙا مسئلا حل ته ڪونه ٿا ٿين. پر، انهن ۾ لاڳيتو واڌ اچي رهي آهي. جنهن ڪري ماحول تي ناڪاري ۽ خراب اثر پئجي رهيا آهن ۽ اهي ملڪي ترقي ۾ وڏي رنڊڪ ۽ رڪاوٽ بنيل آهن.

ياد رهي ته ، ڪورونا وائرس دنيا ۾ آزادي سان گهمي رهيو هو. اهو سال 2019 ع جي آخر ۾ 2020 ع جي شروعات هئي. هن وائرس اسان جي ملڪ ۾ پير پاتو. سڄي دنيا وانگر ، اسان جي ملڪ کي به لاڪ ڊائون ڪيو ويو. ڪاروباري مرڪز ۽ سرڪاري توڙي خانگي سمورا ادارا بند ٿي ويا. شهرن ۾ ڪرفيو ڏسڻ ۾ پئي آيو. ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ ڪو راڪاس گهمي ويو آهي.  روڊن تان ٽرئفڪ بند ٿي ويئي. ايتري قدر جو ريل گاڏيون به بند ڪيون ويون. جهازن جي چرپر به ڪانه ٿي رهي هئي. ايڏي سختي جي باوجود به ڪورونا وائرس جا حملا جاري رهيا. نتيجي ۾ هزارين ماڻهو مري ويا ۽ ڪيترائي بيمار ٿي پيا. ملڪي ڪاروهنوار ٺپ ٿي ويو. ملڪ معاشي لحاظ کان ڪمزور ٿيڻ ڪري، ترقي ڪرڻ انتهائي ڏکي ٿي پئي هئي. بهرحال ڪورونا وائرس اچڻ ڪري ملڪ تباهي جي ڪناري تي وڃي پهتو. اهو حشر پرڏيهي ملڪن ۾ به ڏسڻ ۾ آيو. اسان وٽ ڪجهه ڪورونا وائرس پنهنجا ڪرتب ڏيکاريا ته ٻئي طرف انهيءِ جي آڙ ۾ سياستدانن ، پنهنجي سياست کي چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان سبب جي ڪري ملڪي ترقي مورڳو ڪونه ٿي.

اڃا ڪورونا وائرس جو چوٻول هلي رهيو هو. حڪومت سياستدان به ، عمران خان جي خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي ميدان ۾ نڪري پيا. انهن حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو. مولانا فضل الرحمان سربراهه جمعيت العلماءِ اسلام هڪ وڏي ريلي ڪڍڻ جي شيڊيول جو اعلان ڪيو. ان سلسلي ۾ رابطا مهم تيز ڪئي ويئي. نتيجي ۾ سڄي ملڪ مان سندس هزارين ڪارڪن ۽ همدرد روڊن تي نڪري آيا ۽ جلوسن جي شڪل ۾ اسلام آباد روانا ٿيا. ڪراچي کان جيڪا ريلي نڪتي. انهي جي اڳواڻي خود مولانا صاحب ڪري رهيو هو. نيٺ اهي ماڻهو اسلام آباد ۾ مقرر هنڌ تي پهتا ۽ دونهين دکائي ويهي رهيا. ڪيترائي ڏينهن اهو ڌرڻو جاري رهيو آخرڪار ۽ انجام ڪار اهو ، بنا نتيجي پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. ان کان پوءِ ، سياسي ڌريون خاموش ڪونه ويٺيون ۽ پاڻ ۾ متحده ٿي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون. حڪومت جي خلاف ، عوامي جلسا به ڪيائون جيڪي مختلف شهرن ۾ ٿي گذريا. پ پ پ جي طرفان بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ ، سنڌ مان مهانگائي مارچ به ٿيو. هڪ ٻئي به ريلي ٿي گذري جنهن کي “ٽريڪٽر مارچ” چيو ويو. اهي سموريون ريليون به ، اسلام آباد جي مضافات ۾ پهتيون. جن جو بظاهر ڪو کِڙ تيل ڪونه نڪتو. بعد ۾ عمران خان جي خلاف عدم اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ ميمبرن جي خريد و فروخت به ڪئي ويئي. ان سلسلي ۾ حڪومت مخالف ڌر وڏو خرچ ڪيو. بالا آخر عمران خان جي حڪومت پنهنجي اختتام تي پهتي. ان ساري ويڙهه دوران ملڪ ته ترقي ڪونه ڪئي. پر، معيشت جي لحاظ کان گهڻو پوئتي هليو ويو. جنهن جو اعتراف هر ، ذي شعور ماڻهو ڪري ٿو.

مٿين اقتدار جي معرڪه آرائي جي نتيجي ۾ ، ملڪ جو نئون وزير اعظم ميان محمد شهباز شريف مقرر ٿيو. جنهن حڪومت ته سنڀالي ، پر، ان لاءِ وڏا چيلينجز سامهون اچي ويا. هن صاحب به تقريبن عمران خان واريون ساڳيون پاليسيون برقرار رکيون. ڪا ، خاص نواڻ ڪونه آندائين. هن جي دور ۾ به ملڪ مالي بحران جو شڪار آهي ۽ بجيٽ خساري ۾ آهي. معشيت جو ڏيوالو نڪرندو پيو وڃي. باقي هن حڪومت جو ڪو ٻيو خاص ڪارنامو نظر ڪونه ٿو اچي. جو، هتي ويهي لکان ۽ ساراهه ۽ واکاڻ ڪريان. وري هن سال برساتون پيون. جن تباهي مچائي ڇڏي. خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ حالتون خراب ٿي ويون. سڄو صوبو پلر جي پالوٽ ۾ ٻڏي ويو.

هڪ طرف اها حالت آهي ته ٻئي طرف درياءَ جي ٻوڏ به رهيو کهيو نور به چٽ ڪري ڇڏيو. اسان ترقي جي بجاءِ ڪيترائي سال پوئتي هليا ويا آهيون. في الحال هن سنگين بحران مان جان ڇڏائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. اميد ته هن بحران مان نڪري ملڪ جي ترقي ڏانهن وک وڌائينداسون. پر، اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته موجوده حڪومت به ، عوام جي ڪا واهر ڪري ڪونه سگهي جو ، ماڻهن جون ڏکيائيون ختم ٿي سگهن. هن حڪومت لاءِ ، ٻوڏ به وڏي آزمائش ۽ هڪ وڏو امتحان آهي. بظاهر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ، حڪومت هن بحران تي قابو پائڻ ۾ مڪمل طرح ناڪامياب ٿي چڪي آهي. ٻوڏ ، ملڪي ترقي ۾ وڏي رنڊڪ ۽ رڪاوٽ بنجي سامهون آئي آهي. جنهن کان هر گز انڪار ڪري نه ٿو سگهجي.

گذريل چند سالن کان وٺي اسان جي پياري وطن ۾ مسلسل بحران پيدا ٿي رهيا آهن. قوم هڪ بحران مان مس نڪري ٿي ته ٻيو بحران اڳ ۾ ئي ڪر کنيو بيٺو آهي. جنهن ڪري ، عوام پريشان نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ، هتي غربت ۾ اضافو ٿئي پيو. هتان جي عوام کي هاڻ وڌيڪ مسئلن ۽ بحرانن کي منهن ڏيڻ جي طاقت ئي ڪونه رهي آهي. آئون هتي اهو ذڪر ڪرڻ لازمي ٿو سمجهان ته ، ڪي مسئلا ۽ بحران اهڙا هوندا آهن جيڪي قدرت جي طرفان پيدا ٿين ٿا. جيئن زلزلا ، ٻوڏون ۽ بيماريون وغيره. ڪي وري هٿرادو بحران پيدا ڪيا ويندا آهن. جيڪي حڪومت جي طرفان هٿ وٺي ڪرايا وڃن ٿا ته عوام انهن ۾ ڦاٿل رهي ۽ حڪمرانن ڏانهن ڪو به توجهه نه ڏيئي. حڪمران به وقت جو فائدو وٺندي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃن. بلڪل اهڙي طرح ڪي بحران وري عالمي سازش تحت وجود ۾ ايندا رهن ٿا. بهرحال ڪهڙي به قسم جو بحران هجي. پر، اهو قوم۽ ملڪ جي فائدي ۾ ثابت ڪونه ٿو ٿئي ۽ اهو ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ ۽ رڪاوٽ جو پيغام آهي. بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ قوم ۾ صلاحيت ۽ طاقت سان گڏو گڏ ٻڌي ۽ اتحاد هئڻ گهرجي. ٻي حالت ۾ ڄاڻايل  مصيبتن کي منهن نه ٿو ڏيئي سگهجي. اهي قومي سلامتي لاءِ هڪ وڏو خطرو سمجهيا وڃن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.