ماحول جي گدلاڻ تي دنيا پريشان

رياض ابڙو 

ان ڳالهھ تي سوشل سائنٽسٽ کي انتها درجي جي ڳڻتي آ ته آخر دنيا جو ڇا ٿيندو، جتي هر ماڻهو ڪچري ۽ دونهين ڪرڻ ۾ پورو آ، پر ڪو به ان ڳالهھ جو پورائو نه ٿو ڪري ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ کي ڪيئن گھٽائجي، ڪچري ڪرڻ جا سبب ڪيئن گھٽائجن ۽ ان جا اپاءَ ڪيئن ۽ ڪيترا ۽ ڪنهن مهل وٺڻ گهرجن، يا گرين هائوس گئيسز کي ڪيئن گھٽ ڪجي، ان ڪري ته وڻن جو نه هجڻ، دونهين واريون گاڏيون گھڻيون هجڻ، فيڪٽرين جو دونهون گهڻو هجڻ، صنتعن جي تيزي سان ترقي ڪرڻ، ڊيمن جو پاڻي بي سبب جمع ڪرڻ يا ڊيم اڏڻ (ڇو ته ڊيمن جي گڏ ٿيل پاڻيءَ مان ميٿين گيس ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گيسون تيزيءَ سان پيدا ٿينديون رهن ٿيون) گهرن جي فرجن مان ميٿين گيس ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ نڪرڻ، يا گهريلو اي سي جي آئوٽرن يا سينٽرل ايسين جي پلانٽن مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جهڙيون گيسون نڪرڻ يا فيڪٽرين جي زهريلي پاڻي سان زمين اندر زهريلو مادو جذب ٿيڻ يا انهن کي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ يا دريائي وهڪرن ۾ لاهي ڏيڻ، جهنگن کي اوچتو وڏيون باهيون لڳڻ وغيره وغيره.

اهي سڀ ان ڳالهھ جا سبب ۽ ثبوت آهن جن جي ڪري سڄي دنيا ۾ گرمي جو پد وڃي ٿو وڌندو ۽ ڏينهون ڏينهن گرمي جو درجو وڃي ٿو چڙهندو، جو اسٽاڪ هوم 50 سال پهرين به ان ڳالهھ جي لاءِ پريشان هئي ۽ وري 1972 ۾ هنن ان ڳالهھ جي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي ته گرمي جو درجو ڪيئن گھٽائجي يا 23 سال گذرڻ کانپوءِ 1992 ۾ پيرس وري ان ڳالهھ جي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي ته گرمي جي پد گھٽائڻ جي لاءِ اهي ترقي يافتا ملڪ گڏ ٿين جيڪي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گھڻي خارج ٿا ڪن، جيڪي آخر 2015 ۾ ان ڳالهھ جي نتيجي تي پڳا ته جيڪي به ملڪ صنعتي ترقي ۾ ڏينهن رات هڻ هڻان لايون ويٺا آهن اهي ملڪ چندو ڪري سڄي دنيا جي ملڪن ۾ جاڳرتا آڻن ته اهي غريب ملڪ جن وٽ گرمي جي پد گھڻو ٿو رهي يا بارشن جي گھڻائي يا سوڪهڙو آ ته اهي امير ملڪ انهن ملڪن ۾ اهڙي جاڳرتا ۽ مهم سازي جو حصو بڻجن ته جيئن دنيا کي گرمي جي پد، گھڻي بارشن، سوڪهڙي، سيلابن ۽ دريائي ٻوڏن کان بچائي سگهجي، ان ڪري ته موسمياتي تبديلي رڳو ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي جي اسٽائيلن جي ڪري آ يا جيڪي ماڻهو رهن ٿا اهي ڪچرو ڪن ٿا، دونهين جو سبب بڻجن ٿا، گدلاڻ جو سبب بڻجن ٿا، فيڪٽرين جي دونهين جو سبب بڻجن ٿا مثال جيڪي به شيون ٺهن ٿيون اهي فيڪٽرين جي هڪ مخصوص پروسيس مان ٺهي نڪرن ٿيون، ۽ اهي شيون ماڻهو جڏهن بي دريخ ۽ گھڻو استعمال ڪندا ته اهي ماڻهو وري انهن فيڪٽرين ۽ صنعتن کي مجبور ڪندا ته اهي شين جي پيداوار وڌائن ۽ جي پيداوار وڌندي ته فيڪٽريون وري دونهون ڇڏينديون ۽ گدلو پاڻي يا زهريلو پاڻي وري سمنڊن ۾ ڇوڙ ڪنديون يا روڊ رستا ماڻهن جي استعمال ٿيل شين جي ٿيلهين، پاٺن، ڪلين ۽ ڪچري سان ڀرجي ويندا ۽ جي اهو سلسلو مسلسل رهيو ته گدلاڻ وڌندي ويندي، ان ڪري اهو چوڻ بجا آهي ته هر ماڻهو جو ماحول جي گدلاڻ ۾ برابر جو حصو آ يا گھڻو يا ڪجھ گھٽ پر ڌرتي تي رهندڙ ماڻهو ئي ڪلائيميٽ چينج جا زميوار آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن طرح حصو ڳنڍين ٿا.

ان ڪري شين جي غيرپائيداري به ان ڳالهھ جو سبب آ ته شيون هر هر ٺهنديون ۽ جي هي هر ٺهنديون ته ماحول ۾ گھڻي دونهين جي ڪري وري گدلاڻ پيدا ٿيندي ان ڪري شيون معياري ۽ گھڻي عمر تائين هلڻ واريون ٺهڻ گهرجن ان ڪري جو روز روز شين جو وٺڻ به مارڪيٽ جي چرپر وڌائڻ آ ۽ جي مارڪيٽ جي چرپر وڌي ٿي ته صنعتون به پروڊڪشن وڌائن ٿيون جنهن جي ڪري شين جي پائيداري به ماحول جي گدلاڻ ۾ گھٽتائي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، پر جيڪي ملڪ اليڪٽرونيڪل، ميڪينيڪل يا ٽيڪنيڪل شين ٺاهڻ ۾ مهارت رکن ٿا اهي شين جي ڪوالٽي تي به ڌيان ڏين ان ڪري جو شين جو هڪ دفعو ٺهڻ به فيڪٽرين جي دونهين گھٽائڻ جو سبب هجي ٿو، جنهن جي ڪري انهن ملڪن ۽ صنعتن جي مالڪن کي ان ڳالهھ تي به غور ۽ فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ائين به ناهي ته دنيا جي ملڪن وٽ پئيسو ناهي يا اهي ان ڳالهھ جي همت نه ٿا ساري سگهن ته گدلاڻ ڪيئن گھٽائجي ۽ ماحول کي بهتر ڪيئن ڪجي، مثال جي ڪچرو ڪري وري صفائي ڪجي يا پيو صفائي ڪجي يا پيو ڪچرو ڪجي ته اها ڪا ڳالهھ نه ٿي ان ڪري ڪچري جا سبب ڳولهڻا پوندا يا انهن جي روڪٿام جي لاءِ قدم کڻڻا پوندا ان ڪري جيڪي به شيون ڪچري جو سبب آهن انهن کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻڻ ضرور آهن، ان ڏس ۾ يوڪرين تي آمريڪا 40 بلين سيڙائيندو ته ان ملڪ ۾ ماحول جي گدلاڻ ختم ڪرڻ جي لاءِ شروعاتي قدم کڻجن يا يوڪرين تي ئي يورپين يونين جا ملڪ 2 بلين سيڙائيندا، ۽ برطانيا خود 33.5 ملين سيڙپ ڪري ماحول جي گدلاڻ جا سبب گھٽ ڪندا پر ان جاءِ تي فرانس جي مختلف هنڌن ۽ تاريخن تي ٿيل ڪانفرنسز ۾ اها ڳالهھ به طئي آ ته ست وڏا ملڪ جن وٽ صنعتي ڄار وڇايل آهن اهي ماحول ۾ ايتري ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ڇڏن ٿا جنهن جو اندازو شايد ئي لڳائي سگهجي ان ڪري هڪ اندازي موجب چائينا ماحول ۾ 2.5 بلين ميٽرڪ ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ٿو ڇڏي ائين ئي آمريڪا 5.4 بلين ميٽرڪ ٽن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ (دونهون) ٿو ڇڏي، ڀارت 2.5 بلين ميٽرڪ ٽن ماحول ۾ دونهون ٿو ڇڏي، روس 1.7 بلين ٽن دونهون ماحول ۾ ڇڏي ٿو، جاپان 1.2 بلين ٽن دونهون ڇڏي ٿو، جرمني 0.75 بلين ٽن دونهين ڇڏڻ ۾ پنهنجو پنهنجو حصو ڳنڍين ٿا.

ان ڪري اهو به آهي ته جيڪو ڪري اهو ڀري يا سائينٽفڪ سوسائٽي ۽ ماحولياتي سائنسدان ان ڳالهھ تي وڏا فڪرمند آهن ته ڪنهن به صورت اهي اپاءِ وٺي ان دونهين جا ڪارڻ ختم ڪيا وڃن يا ڪنهن صورت گھٽايا وڃن ان ڪري ته جنهن اسپيڊ سان دونهون ماحول ۾ داخل ٿو ٿئي ان اسپيڊ سان موسم تبديل  به ٿيندي رهي جنهن جا ناڪاري اثر ماحول کي خراب ٿا ڪن جن ۾ بارشن جي گھڻائي تباهي ٿي آڻي، يا ڪٿي بارشن جي نه هجڻ سان جهنگ تباھ ٿا ٿين يا ڪٿي سوڪهڙو ٿئي ٿو جنهن جي ڪري ڪلائيميٽ چينج ٿيندي رهي ٿي يا گھڻي ڀاڱي بارشن جي اثر وڌندا وڃن ٿا،

پر انهن وڏن ستن ملڪن جي ڪري جيترو نقصان وري ننڍن ملڪ يا باقي دنيا جو ٿئي ٿو ان جو ڪاٿو شايد ئي ڪير لڳائي سگهي مثال رڳو پاڪستان ۾ ماحولياتي گدلاڻ (يا هاڻوڪيون بارشون) ۽ گرمي جي پد وڌڻ جي ڪري جانورن جا نسل تباھ ٿا ٿين، وڻ ٻوٽن ۽ فصلن کي ڪاپاري ڌڪ ٿو لڳي، جنهن جي ڪري هرسال 3.7 بلين ڊالرز جو نقصان به ٿئي ٿو جيڪو پاڪستان جهڙي جيتامڙي ملڪ جي لاءِ سهپ جهڙو ناهي ان ڪري تڪڙا اپاءَ نه رڳو دنيا کي بچائيندا پر انهن سڀني ننڍن ننڍن ملڪن کي به فائدو رسائيندا جنهن جي ڪري انهن ملڪن ۾ لاڳيتو نقصان ٿيڻ جي ڪري ڏڪار ۽ سوڪهڙي واري صورتحال پيدا ٿيندي ٿي رهي جنهن جي ڪري غريب حڪومتن وٽ ايترو ڏوڪڙ پئيسو نه ٿو هجي جو اهي انهن ماحولياتي مهم سازيءَ تي ڪو خرچ يا جاڳرتا هلائي به سگهن، ۽ اهڙا دنيا جي 10 ملڪ ان صورتحال جو شديد شڪار به ٿيندا رهن ٿا، (جڏهن ته  پاڪستاني پاپوليشن 2 سيڪڙو جي حساب سان مسلسل وڌندي به رهي ٿي جنهن جي آبادي جو بار به وڌندو رهي ٿو جيڪو 2030 تائين اٽڪل 26 ڪروڙن کان به وڌي ويندو جنهن جي ڪري اسان جهڙا ملڪ انهن اپائن وٺڻ ۾ دير نه ڪن نه ته نتيجا تباهي کانسواءِ ڪجھ به ناهن).

اها ٻي ڳالهھ آ ته اسان جهڙن ٻين ملڪن جي معيشت به ويهندي ٿي وڃي، ۽ مهانگائي به عام ماڻهن جي چيلھ ڀڃي ڇڏي آ، پر ساڳي جاءِ تي ملڪ جي ڪجھ شهرن جي گرمي جو پد ته 50 ۽ 54 کان به وڌندو ٿو وڃي جن ۾ ٻيلن جي گھٽتائي ۽ سوڪهڙو جنهن جي ڪري دريائي پاڻي جي هٿراڌو کوٽ ۽ دريائن تي بي مقصد ڊيم به هڪ قومي عذاب مانند آ، پر وري بجيٽ جا خسارا وري هڪ ٻيو قومي الميو يا عذاب به آهي ته اسان جهڙي ملڪ ۾ قومي خزاني جي وسيعت ايتري نه ٿي هجي ته اهي ماحول جي سڌاري جي لاءِ ڪجھ ڪري سگهن يا پي ٽي آءِ جي سرڪار ۾ جيڪي به وڻن جي سونامي جا پروجيڪٽ آيا اهي رڳو ڪاڳرن ۾ لڳا باقي زمين ته وري به بنا وڻن، سوڪهڙي ۽ بنجر ئي رهي جنهن ڪري وري اسان جا هٿ ۽ اکيون انهن فارين امدادن کي ٿا ڏسن جن ڪري اسان اهي مهم سازيون هلائي به سگهون ٿا يا ممڪن ڪري سگهون ٿا، يا اسان وٽ اندروني خلفشار ۽ بيروني پريشر پنهنجي جاءِ تي پر بارڊرن جا ٽينشن به قومي خزانا ۽ سياسي رت ستُ سڪائي ٿا رکن جنهن ۾ سياستدانن جي عقل تي تالا لڳي ٿا وڃن ته اهي ڇا ڪن يا ڇا نه ڪن،

سريلنڪا جي ڳالهھ کي وٺون ته اهڙا ملڪ به سياسي اڻبڻت يا اندروني سياسي بيڪار پاليسين جي ڪري هاڻي ڏيوالي کي منهن ڏيندا جنهن جي ڪري اهڙن ملڪن جي لاءِ موسمي اثرن کي منهن ڏيڻ مسئلو آ، جنهن ۾ اهي ملڪ ماحولياتي گدلاڻ، بيروزگاري، بجيٽ ڊيفيسٽ، پاڻي جو کوٽ يا جنگي صورتحال کي ڪيئن منهن ڏيندا ان ڪري شين کي مهل سان منهن ڏيڻ به وڏي سياسي مڙسي آ، جنهن جي ڪري پاڪستان جهڙن ملڪن کي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي جنهن سان انهن سڀني تيزي سان اڀرندڙ مسئلن کي منهن ڏئي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.