سنڌ سرڪار کي ٻاھرين امداد جو داڻو نه ملڻ جو انڪشاف

محمد خان سيال

سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ڳاٽي ٽوڙ مينھن ڪارڻ ڪجهھ مھينن کان وڏي تباھي آيل آھي. انھيءَ سلسلي ۾، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جي اھم بيان جو ڪاٿو لڳائڻو پوندو. ميڊيا موجب وزيراعليٰ هائوس، ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي، وڏي وزير چواڻي: سنڌ سرڪار کي ٻاهرين امداد جو هڪ داڻو به ناهي مليو، جيڪو سامان آيو آهي اهو اين ڊي ايم اي (نيشل ڊساسٽر مئنيجمنٽ اٿارٽي)  ورهائي رهي آهي، ائين ناهي ته سامان ورهائجي نه پيو پر گهرج ايتري آهي جو ڏسڻ ۾ ئي نه پيئي اچي. مان ڪوشش ڪندو آھيان ته ماڻهو ڏکيائين ۾ آهن ته سياسي ڳالهه نه ڪيان پر ڪڏهن ڪڏهن نه چاهيندي به زبان کُلي ويندي آهي، وڏي صوبي جو ڪو ڏوهه ناهي، هڪ سياسي جماعت جو آهي  ۽ انهن جي ذهني حالت ٺيڪ ناهي.

منھنجي سينيئر صحافي طور ڇنڊڇاڻ آھي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ ٻوڏ جي تباھيءَ جو مناسب حوالو ڏنو آھي پر جنھن سياسي پارٽيءَ جو ذڪر ڪيو اٿس، سا سڌي يا اڻ سڌي ريت سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ لاءِ سخت ھاڃيڪار ھئي ۽ آھي. انھيءَ سلسلي ۾ ھڪ اڌ مثال ڏيڻ به ضروري آھي ته جيئن دکدائڪ وايومنڊل سمجهھ ۾ اچي. اھا وڏي بدقسمتي آھي ته سنڌ ۾ اھڙا ڪجھه سياستدان ۽ صحافي به آھن جيڪي  اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سربراھ عمران خان جي ميڊيا ۾ شايع ٿيل بيانن ته  ڊويزنن کي صوبا بڻايو (اصل مقصد سنڌ ۾ ڊويزنن کي صوبا بڻائي سنڌ ٽوڙڻ آھي) سنڌ کي ٽوڙي ستن صوبن ۾ ورھايو ويندو پر افسوس اسان وٽ ڪيترا ماڻھو عمران خان جي انھيءَ سنڌ دشمنيءَ کي کليو کلايو نندين به ڪونه ٿا جڏھن ته اسان وٽ اھڙ اذھني مريض کوڙ آھن.

مان سنڌ بچائڻ لاءِ ڪيترن ورھين کان ھر ڏھاڙي کوڙ پوسٽنگس به ڪندو رھندو آھيان پر ڪن ماڻھن جا، منھنجي پوسٽنگس تي اجايا ۽ ناجائز تبصرا پڙھي دلي افسوس ٿئي ٿو جن مان ھڪ اڌ جو حوالو ڏيڻ به ضروري آھي. ھڪ شخص لکيو ته عمران خان اھڙو بيان ڪونه ڏنوآھي  ته ڊويزنن کي صوبا بڻايو جڏھن ته مون اھڙو بيان مشھور اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ به پڙھيو آھي پر سندس ڪوڙي دعوى آھي ته رڳو سنڌي اخبارن بيان ڇاپيو آھي. وري مون سنڌ ٽوڙڻ جي بيان ڏيندڙ عمران خان کي سنڌ دشمن سڏيو ته سندس چواڻي غدار وڌيڪ خطرناڪ آھن يعني سندس چوڻ آھي ته سنڌ ٽوڙڻ جا بيان ڏيندڙن غدار ناھن پر غدار اڃا ٻيا آھن. افسوس، سنڌ جي وجود خلاف کليو کلايو سوچ تي. اھا وڏي بدقسمتي آھي ته اسان جي ملڪ ۾ ھڪ اھڙو به پراڻو گروپ آھي  جن جو مقصد رڳو سنڌ جي نالي ۾ نفرت پيدا ڪرڻ آھي. ھئڻ ته ائين گهرجي ته اخلاق اندر سياسي اختلاف ڀلي سڀني سان ڪجن پر جيڪو سچ چوي تنھن کي ته مڃڻ گهرجي.

بھرحال، سنڌ جي مينھن ڪارڻ نازڪ صورتحال آھي، سو صورتحال کي بھتر سمجهڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھ جي بيان جو وڌيڪ تبصرو ڏيڻ مناسب  آھي ته جيئن سنڌ جي ھاڻوڪي صورتحال کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ڇاڪاڻ ته وڏي وزير جا عام طورذميداريءَ جا بيان ھوندا آھن. جيڪڏھن ڪوبه نامناسب بيان ھوندو ته ان کان سياسي ۽ قانوني طور پڇا ڳاڇا به ڪري سگهجي ٿي جنھن جو سڀني کي حق آھي.

وڏي وزير مراد علي شاهه ٻوڏ واري صورتحال ۾ غلطين کي مڃيندي چيو آهي ته صوبي کي هٿ سان ٻوڙائڻ جا الزام غلط آهن، آبپاشي کاتي کان ڪجهه غلطيون ضرور ٿيون آهن، ڄاڻي واڻي غلطي جو تصور ئي نٿا ڪري سگهون. انھيءَ باوجود، ڪنهن وٽ سنڌ کي ھٿ وٺي ٻوڙائڻ بابت ثبوت آهن  ته ڀلي پيش ڪري، اهڙو بيان هن وڏي وزيرهائوس ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ ڇوٽڪاري جي ڪمن بابت گڏجاڻيءَ کانپوءِ، ميڊيا کي سمجهاڻي ڏيندي ڪيو. سنڌ ۾ وڌندڙ مينھن جي باري ۾ پڻ حوالو ڏنائين ته سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ 1100 ملي ميٽر مينھن رڪارڊ ڪيو ويو آهي، رڳو درياءَ جي ساڄي ڪپ تي 7 کان 8 لک ايڪڙ فٽ پاڻي بيٺل آهي جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڃا به 3 کان 4 فٽ پاڻي آهي. سندس چواڻي: ڪٽ لڳائڻ جو فيصلو آبپاشي کاتي جو آهي، آبپاشي کاتي پاران ڪجهه غلطيون ضرور ٿيون آهن. درياءَ جي ساڄي ڪپ تي پاڻي جي سطح گهٽجي وئي آهي. سنڌ ۾ هن وقت مينھن جو ستون مرحلو آهي، پنجاب ۾ 52 سيڪڙو وڌيڪ مينھن ٿيو آھي جڏهن ته سنڌ ۾ 800 سيڪڙو وڌيڪ مينھن پيو آھي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت کي ٻوڏ واري خيمن ۽ ترپالن جي ضرورت آهي. سنڌ سرڪار ھيلتائين ساڍا ٽي لک راشن بيگز ورهائي چڪي آهي ۽ پرڏيهي امداد سميت چار لک کان وڌيڪ راشن بيگز ورهايا ويا آهن. اسان ڪوشش ڪنداسين ته ترت عام  زندگي بحال ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن جي حالت بهتر ٿي سگهي. هن چيو ته 30 ڪروڙ ايڪڙ فٽ مينھن پئجي چڪي آهي ۽ جيڪو پاڻي بلوچستان مان صوبي ۾ داخل ٿيو آهي اهو ان کان علاوه آهي. سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسن تي پاڻي آهي جڏهن ته متاثر علائقن ۾ اڃا تائين 70 کان 80 لک فٽ پاڻي موجود آهي. منڇر کي ڪٽ درياهه ڏانهن پاڻي کي ڪڍڻ لاءِ لڳايو ويو آهي، درياءَ جي کاٻي ۽ ساڄي ڪناري لنڪ ڪئنال آهن. بدين جي کاٻي پاسي کان پاڻي ليفٽ بينڪ ذريعي ڇڏيو ويندو جڏهن ته ساڄي پاسي کان پاڻي پمپ ذريعي ڇڏيو ويندو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ڪوبه کاتو ڪٽ بابت فيصلا نٿو ڪري پر اهي فيصلا آبپاشي کاتي وارا ڪن ٿا.االله تعالى جو ٿورو آهي ته ساڄي ڪپ مان پاڻي نڪري رهيو آهي. دادو ۾ به پاڻي جي سطح گهٽجي رهي آهي ۽ هڪ فوٽ جو فرق آهي. هن چيو ته سکر واهه مان به محدود مقدار ۾ پاڻي ڇڏيو ويو آهي. جيڪا به امداد اچي پئي تنهن کي اين ڊي ايم اي ورهائي رهي آهي، سنڌ سرڪار کي ٻاهرين امداد جو هڪ داڻو به ناهي مليو، هڪ سياسي جماعت جي اڳواڻن جي ذهني حالت هن وقت درست ناهي، اسان اٽو به خريد ڪيو آهي ته جيئن متاثرن کي کاڌي پيتي جو مناسب بندوبست ڪري ڏجي، هن چيو ته سنڌ سرڪار تي ڪو آڱر نٿو کڻي سگهي ته اسان غلط فيصلا ڪيا.

بھرحال، منھنجي تبصري موجب ملڪ اندر ٻوڏ ته خطرناڪ صورت ۾ آيل ھئي پر سنڌ انھيءَ ڪري وڌيڪ ڀوڳيو آھي جو ھڪ ته مينھن ھتي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهڻو پيو آھي ۽ ٻيو ته سنڌو نديءَ  ۾ پنجاب کان وڌيڪ آيل پاڻي سنڌ ۾ آيو آھي ۽ اڃا به اچي ٿو. نه رڳو ايترو پر بلوچستان جو گهڻو پاڻي به سنڌ ۾  آيل آھي پر اسان وٽ اھڙا کوڙ ماڻھو آھن جيڪي صورتحال کي سمجهڻ جي ڪوشش نٿا ڪن مطلب ته مصيبت  کي دور ڪرڻ لاءِ سڀ گڏجي مدد ڪن. اسان وٽ عوام جي گڏيل امداد ڪرڻ جو خانگي احساس نه ھئڻ جي برابر آھي. جيڪڏھن اھڙن ماڻھن ۾ احساس ھجي ته سڀ گڏجي عوام جي ڀلائيءَ وارا ادارا ٺاھين پر اسان وٽ ائين بلڪل ڪونھي.ھو چاھين ٿا ته سکڻي سنڌ سرڪار 100 سيڪڙو مدد ڪري پر پاڻ ھڪ ئي جي مدد ھرگز ڪونه ڪنداآھن. جيستائين سنڌ سرڪار جو واسطو آھي ته ان کي ڀلي عوام جي وڌ کان وڌ خدمت ڪرڻ گهرجي پر انھن وٽ پيسن جي کوٽ ۽ ٻيون کوڙ رڪاوٽون به آھن جڏھن ته وفاقي سرڪار به خاص ڪري عمران خان دور ۾ سنڌ کي سندن جائز پيسا ڪروڙين ڪيترا ڀيرا موٽائي ڪونه ڏنا. مطلب اھو آھي ته سنڌ جي نيڪ نيتيءَ لاءِ سڀني کي باقاعدي جھدوجھد ڪرڻ گهرجي پر اسان وٽ ھڪ اھڙو ٽولو آھي جيڪو ڏينھن رات نفرت پکيڙي ٿو يعني دنيا ۾ ڪٿي به ظلم ٿئي ته ھو سنڌ سرڪار کي بيانن ذريعي ذميدار سڏي نفرت پيدا ڪندا رھندا آھن جڏھن ته جائز تنقيد جو ته حق ته سڀني کي آھي پر نفرت پيدا ڪرڻ جو ڪونه.

اسان جي کين صلاح آھي ته سنڌ جي عوام کي بي گهر بڻجڻ ۽ ان جي مصيبتن کي گهٽائڻ لاءِ سڀ گڏجي نيڪ نيتيءَ سان ڊگهي ۽ لاڳيتي جدوجھد ڪري سندن مالي مدد ڪريون جنھن ۾ سڄي قوم جو فائدو سمايل ھوندو. بھرحال، رڳو ڏينھن رات سياسي نفرت جو ڪاروبار ڪرڻ، سنڌ لاءِ مناسب ناھي بھرحال، اھو ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جي وڏي وزير چواڻي سنڌ سرڪار کي ٻاهرين امداد جو هڪ داڻو به ناهي مليو مطلب اجائي تنقيد ڪندڙ اھا سچائي به سمجهن ته بھتر.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.