ٻاهرين امداد تي وفاقي سرڪار سان ڪي به اختلاف ناهن: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد(رپورٽر)  صوبائي وزير اطلاعات ، ٽرانسپورٽ  اينڊ ماس ٽرانزٽ  ۽ رين ايمرجنسي فوڪل پرسن حيدرآباد شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته معاوضو ڪنهن جاني نقصان جو نعمل بدل نٿو ٿي سگهي ڪيترين ئي خاندانن جا ڪمائيندڙ تازين برساتن سبب لاڏاڻو ڪري ويا آهن ، سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته فوت ٿيندڙ ماڻهن جي خاندانن کي في ڪس 10، 10 لک رپيا معاوضي طور ڏنا ويندا ، هن چيو ته  ڏيڍ ڪروڙ  آبادي متاثر ٿي آهي جن جا گهر ڊهي پٽ ٿيا آهن انهن کي گهر تعمير ڪري ڏنا ويندا ، صوبائي وزير اطلاعات  چيو ته ڪڻڪ جي 4000 رپيا في  40 ڪلو گرام ڪڻڪ نئين فصل جي قيمت آهي جڏهن ته هلندڙ سال قيمت 2000 رپيا في 40 ڪلو  گرام ئي رهندي ، اهڙن خيالن جو اظهار هن ليبر ڪالوني حيدرآباد ۾ قائم ٽينٽ سٽي جي دوري جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو – هن چيو ته  سنڌ ڪابينا اهو فيصلو  آبادگارن کي ڪڻڪ پوکڻ لاءِ اعتماد ڏيڻ جي غرض سان ڪيو آهي  ته جيئن ايندڙ مند ۾ ملڪ ۾ ڪڻڪ جو بحران پيدا نه ٿئي ، هن چيو ته پاسڪو  طرفان درآمد ڪيل ڪڻڪ 9000 رپيا في 40 ڪلو گرام ملي ٿي ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي سنڌ ڪابينا فيصلو ڪيو ته ڇو نه پنهنجن آبادگارن کان 4000 رپيا في 40 ڪلو گرام جي حساب سان معياري ڪڻڪ  خريد ڪئي وڃي جنهن سان اسانجي آبادگارن جي مدد به ٿي سگهندي جيڪي تازين برساتن جي ڪري تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن ۽ مقروض ٿي ويا آهن ، هن چيو ته هلندڙ سال سنڌ ڪابينا سرڪاري ڪڻڪ پهرين آڪٽوبر تي جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪا هر سال 15 آڪٽوبر تي جاري ڪئي ويندي آهي ته جيئن اٽي جي اگهن تي ضابطو آڻي سگهجي، صوبائي وزير اطلاعات  افسوس جو اظهارڪندي چيو ته پي ٽي آئي جي پنجاب حڪومت متاثرن جي خوراڪ جا ٽرڪ بارڊر تي روڪي ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته  اهڙي ڪريل حرڪت دشمن ملڪ ڀارت يا اسرائيل به نٿا ڪري سگهن  جيڪڏهن اتان به امدادي سامان اچي ها ته اها حرڪت نه ڪن هاجيڪا پنجاب حڪومت ڪئي آهي ، سنڌ حڪومت جي هڪ وينڊر جي ڪراچي ۽ پنجاب ۾ فيڪٽري هئي  پنجاب کان امدادي سامان ويجهن علائقن گهوٽڪي ، سکر ، جيڪب آباد ، لاڙڪاڻي  ۽ خيرپور لاءِ کڻي اچي رهيا هئا بارڊر تي پنجاب حڪومت ڪيس داخل ڪري  سامان ضبط ڪري ورتو ، هن چيو ته اهي ماڻهو ڪهڙي قسم جو پيغام ڏئي رهيا آهن  پنهنجي ئي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد روڪي پئي وڃي ، هن چيو ته ان کان اڳ پي ٽي آئي سوشل ميڊيا تي متاثرن کي عالمي امداد روڪڻ لاءِ ڪريل سازش ڪئي ، پنجاب حڪومت طرفان اسان کي هن وقت تائين ڪا به امداد نه ملي  آهي  ۽ اسان  انهن مان ڪا به اميد نٿا رکون پر جيڪي اسانجا ٽرڪ امدادي سامان کڻي اچي رهيا آهن انهن کي ته اچڻ ڏين ، هن چيو ته انهن کي پاڪستان پيپلزپارٽي سان نفرت ٿي سگهي ٿي پر معصوم ٻارن  سان  انهن جي ڪهڙي دشمني آهي جو انهن جو کير ۽ خوراڪ  روڪي رهيا آهن ، صوبائي وزير چيو ته پوري سنڌ مان ٻوڏ ۽ برساتي پاڻي نيڪال ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي ، سنڌو درياهه ۾ به پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي آئي آهي ، سنڌ حڪومت  هنگامي بنيادن تي شهرن ۽ ڳوٺن مان پاڻي جي نيڪالي  تي ڌيان ڏئي رهي آهي جڏهن ته ڳري مشينري ۽ پمپس استعمال ڪيا پيا وڃن ، هن چيو ته ڪيترن ئي علائقن مان جتي پاڻي نڪري ويو آهي متاثرن رليف ڪيمپن مان پنهنجن گهرن ڏانهن وڃڻ شروع ٿي ويا آهن ، ضلعي انتظاميا انهن کي راشن ۽ ٽينٽس فراهم ڪري رهي آهي ، هن چيو ته جيستائين هڪ به متاثر پنهنجي گهر نٿو وڃي رليف جو ڪم ۽ ڪا ڪيمپ بند نه ٿيندي ، متاثرن جي خدمت ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي ، هن  چيو ته پاڻي جي نيڪالي  لاءِ سمورا فيصلا آبپاشي ماهرن جي صلاح سان ڪياپيا وڃن ڪنهن جي خواهش تي مخصوص ڪٽ نٿا لڳي سگهن  ڪٽ اتي لڳايا ويا آهن جتي  آبپاشي ماهرن صلاح ڏني ، هن چيو ته وفاقي حڪومت سان ٻاهرين ملڪن مان آيل امداد تي ڪو به اختلاف ناهي اين ڊي ايم اي ان جي ورهاست ڪري رهي آهي ، هن چيو ته آئيڊيل صورتحال نه آهي  اسان جي ڪنهن به عمل ۾ بدنيتي ناهي ، انساني غلطي  ٿي سگهي ٿي ، ڄاڻي واڻي  ۽ ارادي طور غلطي ڪندڙ عملدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ، ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سخت هدايتون جاري ڪيون آهن ،ڪوتاهي ۾ ملوث عملدار کي نه فقط عهدي تان هٽايو وڃي بلڪ ان کي نوڪري تان پڻ برطرف ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.