3 ارب 20 ڪروڙ ڪرپشن ڪيس ۾ 84 جوابدارن خلاف ٻڌڻي

ڪراچي(رپورٽر) احتساب عدالت ۾ 3 ارب 20 ڪروڙ رپين جي جعلي پينشن اسڪينڊل جو ريفرنس ۾ اڳوڻي ناڻي کاتي واري ڊپٽي سيڪريٽري عامر ضياءَ اسراڻ سميت 84 جوابدارن خلاف ٻڌڻي ٿي۔ريفرنس ۾ جوابدار عامر ضياء اسراڻ ۽ ٻيا گرفتار پيش ٿيا،جوابدار رياض پاران ريفرنس جي دائري اختيار بابت درخواست داخل ڪئي وئي ،نيب ضابطن ۾ نئين ترميم کانپوءِ ريفرنس جي ٻڌڻي حيدرآباد ۾ ٿيڻي آهي، داخل درخواست تي ٻڌڻي حيدرآباد ۾ ڪئي وڃي ۔ عدالت درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي 8 آڪٽوبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت ريفرنس جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي،عدالت کي نيب جي پراسيڪيوٽر  ٻڌايو ته ناڻي کاتي واري اڳوڻي ڊپٽي سيڪريٽري  جوابدار عامر اسراڻ کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو ھو جڏهن ھو آمريڪا کان واپس ڪراچي پھتو ان وقت عامر اسراڻ جي مقرري رٿابندي  کاتي ۾ ھئي،هن چيو ته   جوابدار تي جعلي پينشن اسڪينڊل ۾ ملوث هجڻ جو الزام آهي،   جوابدارن عامر اسراڻ ۽ ٻين جوابدارن تي قومي خزاني کي 3 ارب 20 ڪروڙ رپين جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي ۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.